ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جولاءِ ۾ پاڪستاني وائيٽ بال ٽيم جي ميزباني ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کان درخواست ڪئي آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ روانگي کان اڳ پاڪستاني ٽي 20 ٽيم کي بنگلاديش جو دورو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. تجويز ڪيل منصوبي ۾ چيو ويو آهي ته ڍاڪا انهن ميچن جي ميزباني ڪندو، جنهن ۾ 20، 22 ۽ 24 جولاءِ تي 3 ٽي 20 ميچ کيڏڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جلد ئي تجويز ڪيل سيريز بابت فيصلو ڪندو. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 31 جولاءِ تي آمريڪا ۾ شروع ٿيڻي آهي.