ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي بنگلاديشي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر مشفق الرحيم ون ڊي ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بنگلاديش طرفان سڀ کان وڌيڪ 274 ون ڊي ميچ کيڏندڙ سينيئر بيٽر مشفق الرحيم سوشل ميڊيا تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. مشفق الرحيم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مان پنهنجي ڪٽنب، دوستن ۽ مداحن جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا ٿو جن لاءِ مان گذريل 19 سال کان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان. ياد رهي ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر مشفق الرحيم بنگلاديش ٽيم جي قيادت به ڪري چڪو آهي. مشفق الرحيم 274 ون ڊي ميچن ۾ 9 سينچرين ۽ 49 ففٽين جي مدد سان 7 هزار 795 رنسون ٺاهيون، هو بنگلاديش طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن جي فهرست ۾ ٻيو نمبر والاري ٿو، بنگلاديش طرفان سڀ کان وڌيڪ ون ڊي رنسون 8 هزار 357 رنسون تميم اقبال ٺاهيون آهن. وڪيٽ پٺيان طور مشفق الرحيم بنگلاديش طرفان سڀ کان وڌيڪ 299 شڪار ڪيا، جن ۾ 243 ڪيچ ۽ 56 اسٽمپ شامل آهن.