ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديشي ڪرڪيٽر محمود الله رياض عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو. محمود الله تازو آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ بنگلاديشي اسڪواڊ جو حصو هو ۽ سندس ٽيم گروپ اسٽيج ۾ ئي ٻاهر ٿي وئي هئي. هن چيو ته مان عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي، گڏوگڏ هن بنگلاديش ڪرڪيٽ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. واضح رهي ته محمود الله 2007 ۾ انٽرنيشنل ڊيبيو ڪيو هو ۽ 50 ٽيسٽ، 239 ون ڊي ۽ 141 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ بنگلاديش جي نمائندگي ڪئي.