ڍاڪا (اسپورٽس نيوز)بنگلاديشي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان نجم الحسن شانتو عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، نجم الحسن شانتو سري لنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ عبرتناڪ شڪست کانپوءِ ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، واضح رهي ته ٻي ٽيسٽ ۾ سري لنڪا بنگلاديش کي هڪ اننگز ۽ 78 رنسن سان شڪست ڏني هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نجم الحسن کي ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني تان هٽائڻ کانپوءِ ٽيسٽ فارميٽ جي قيادت ۾ دلچسپي نه هئي. ڪپتاني ڇڏڻ کانپوءِ نجم الحسن شانتو چيو ته هو ٽيسٽ فارميٽ ۾ ڪپتاني جاري رکڻ نٿو چاهي ۽ ٽيم جي بهتري لاءِ ڪپتاني ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هو سمجهي ٿو ٽنهي فارميٽس لاءِ ڌار ڌار ڪپتان مقرر ڪرڻ مناسب پاليسي ناهي، ٽن مختلف ڪپتانن ساڻ ڪم ڪرڻ رانديگرن لاءِ ڏکيو ٿي سگهي ٿو.