بنگلاديشين جي تاريخ کان بغاوت يا درستگي؟

0
71
بنگلاديشين جي تاريخ کان بغاوت يا درستگي؟

 هتي نيويارڪ جي ڏکڻ ايشيائي آبادي جي علائقي جيڪسن هائٽس ۾، جتي جي ڪاروباري توڻي رهائشي پاڙن ۾ سڀ کان وڏو انگ بنگلاديشين جو وسندو آهي، اتي بنگلاديش ۾ حسينه واجد جي حڪومت جي تڏا ويڙهه واري ڏينهن هزارن  جي انگ ۾ بنگالي جشن ملهائي رهيا هئا، پنڌ ماڻهن ۽ گاڏين وارن جا جلوس به هئا، عورتن، مردن، توڻي ٻارن جي هڪ وڏي انگ جي هٿن ۾ بنگلاديشي جهنڊا هئا، انهن رات وچ ۾ بنگلاديشي جهنڊي جي رنگن ۽ ڍاڪا ۾ شاگردن جي مظاهرن وارين تصويرن واريون ٽي شرٽون پرنٽ تي وڪامجڻ ۽ جشن ملهائڻ وارن ۾ پهرجڻ لڳيون هيون.

                 جيڪسن هائٽس ۾ هڪڙي هنڌ کي “ڊائورسٽي” پلازا چون. سمجهو ته اهو انجو ريگل  چوڪ آهي. بلڪل هڪڙي پاڪستاني ريسٽورنٽ ڪباب ڪنگ جي سامهون، جيڪو بنگالين کي روزگار ڏيندڙ آهي، اتي سوين بنگالي سومر واري سڄي رات جشن ۾ هئا. اتي مون هڪڙي بنگاليءَ کان پڇيو: “پر شيخ مجيب جون تصويرون ۽ مجسما ڇو لاٿا پيا وڃن؟” هن چيو: “ڇا ڪنداسين شيخ مجيب جي تصويرن کي. اسين ڇا انهن مورتين جي پوڄا ڪريون؟ ڇا اسين هندو آهيون؟

اتي انهيءَ بنگالي گهڻائيءَ واري بازار ۾ انهن ميڙاڪن ۾ هڪڙي بنگالي فيملي اهڙي به هئي، جنهن جي نوجوان ڇوڪرين کي بنگلاديش جي رنگن واري جهنڊي واريون ٽِي- شرٽون، جن تي پنجاه جي انگ سان شيخ مجيب جي تصوير لڳل هئي. پنجاه جي انگ جو مطلب هو شيخ مجيب الرمان جي پنجاهين ورسي.

پر هنن ميڙاڪن کان پري هڪڙي اڌ اونداهي گهٽيءَ جي فوٽپاٿ تي ميرانجهڙي بلب هيٺان پنهنجي گهريلو سامان سڙي سان ويٺل هڪ اڌڙوٽ عمر جي بي گهر بنگالي عورت اتان منهنجي لنگهڻ مهل مونکي چيو: “توکي خبر آهي اسانجي صدر جي ورسي اچڻ واري آهي. هن کي هن مهيني قتل ڪيو ويو هو ۽ هاڻ هتي هن جي ڌيءَ کي هٽائي فساد شروع ڪيا اٿن، هي هتي پيا ان تي خوشيون ملهائين. ڇا ڪيو شيخ مجيب الرحمان جي ڌيءَ هنن جو، هن ملڪ کي ترقي وٺرائي”. هن چيو. مون کانئس پڇيو ته هي سڀ ڪجهه هو ڪيئن ٿي ڄاڻي” ڇا 1971ع کيس چڱي ريت ياد آهي؟

هن چيو: “نه، پر مان هي سڀ ڪجهه اسڪول ۾ تاريخ ۾ پڙهيو هو”.

پر هڪ ابر ڊرائيور تبسم جو چوڻ هو ته جيڪو ڪجهه منهنجي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي، اهو صحيح ٿي رهيو آهي. شيخ حسينه خلاف جنهن به ڳالهايو ٿي، انکي جيل ۾ ٿي وڌائين. نوڪريون سڀ بهارين کي.

هن جي نوڪرين واري دعويٰ تي حيرت ٿي. پر هڪ ٻئي ابر ڊرائيور محمد ڀائي بنگلاديش ۾ انهيءَ ڏڦيڙ کان اڳ مونکي ڊرائيو ڪندي  چيو ته، مسئلو مڪتي جوڌ يعني آزادي جي ويڙهاڪن جي اولادن،  پٽن، پوٽن، ڏهٽاڻ جي لاءِ داخلائن ۽ نوڪرين ۾ ٽيهه سيڪڙو ڪوٽا تي شاگردن شروع ڪيو هو. تون بنگلاديش نه وڃ في الحال اتي وڏو گهوٽالو آهي، منهنجو پيءُ به مڪتي جوڌ هو پر حسينه سٺو نه ٿي ڪري”.

مسئلو مڪتي جوڌ واسطي ڪوٽا يا شاگردن جو نه هو. اصل مسئلو هنن کي شيخ مجيب ۽ هن جي پارٽي ۽ سيڪيولر رياست سان هو. بنگلاديش ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مذهبي بنياد پرستي وڌي آهي، بلڪه نوي ٽيانوي سيڪڙو بنگالي مسلمان ڪنهن طرح مذهبي بنياد پرستي کان متاثر ٿيا آهن.

مونکي ياد آيو ته بنگالي مسلمان ذاڪر نائيڪ جا يوٽيوب تي ليڪچر  به ٻڌن ٿا. جماعت اسلامي جي باني مولانا مودودي جي فڪر  جو بنگلاديش ۾ ڦهلاءُ پنهنجي جاءِ تي پر بنگلاديش توڻي بنگلاديش کان ٻاهر هتي نيويارڪ سميت آمريڪا ۾ به بنگالي مسلمانن ۾ مذهبي بنياد پسندي وڌي آهي.

جيتوڻيڪ بنگلاديشي آمريڪا ۾ سمورين ڏکڻ ايشيائي برادرين ۾ سڀ کا وڌيڪ وڌندڙ ويجهندڙ ڪميونٽي آهي. پهريون نمبر. هنن ۾  ۾ بنگالي بنگالي ڪاڻ ٻڌي به آهي، آمريڪا ۾ هر شعبي ۾ آهن. سرڪاري توڻي غيرسرڪاري يا ڪاروباري. پر انجي باوجود بنگالي مردن ۾ ڪپڙي واريون ٽوپيون ۽ عورتن منجهه حجاب پهرڻ جو لاڙو وڌيو آهي.

هتي نيويارڪ ۾ جيڪسن هائٽس جي مصروف ڪاروباري علائقي ۾  هڪ شاپنگ سينٽر آهي، جنهن جو نالو آهي بنگلاديش مارڪيٽ. ان جو مالڪ هڪ سيڪيولر بنگالي جوڙو آهي يا هو. انهيءَ جوڙي ۾ مڙس مسلمان آهي ۽ زال هندو آهي. انهيءَ جوڙي جو هڪڙو ئي پٽ هو، جيڪو ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ماءَ جي خواهش هئي ته هن جي پٽ جون اخري رسمون هندو ڌرم موجب ٿين. مڙس پنهنجي زال جي خواهش جي احترام ۾ سندن پٽ جون آخري رسمون سندس ماءَ جي خواهش مطابق ڪرڻ چاهيون. ان تي بنگالين جي گهڻائي گهڻو گوڙ گهمسان ڪيو ۽ جوڙي کي ڌمڪي ڏني ويئي ته جي ائين ڪيو ويو ته سندن شاپنگ سينٽر کي اڏايو ويندو. ظاهر آهي، نيويارڪ پوليس ۽ ايف بي آئي حرڪت ۾ آيون. هنن وڳوڙين کي چتاءُ ڏنو ته اهڙي ڌمڪي ڏيندڙن کي هرگز ڇڏيو نه ويندو، هي آمريڪا آهي، بنگلاديش نه آهي. انهيءَ کان پوءِ ڀائر ٿڌا ٿي ويا ۽ ڇوڪر جون آخري رسمون سندس ماءَ جي خواهش مطابق ٿيون.

“بنگلاديش ۾ حڪومت جي ذهني سطح مٿي پئي ويئي پر عوام ذهني ڏيوالپڻي جو شڪار هو”، منهنجي بنگالي دوست رائي جو چوڻ هو. پوءِ هن چيو ته بنگلاديش ۾ شيخ مجيب جا مجسما ڊهڻ ائين آهي، جيئن پاڪستان ۾ ڪو جناح جا ۽ هندستان ۾ گانڌيءَ جا مجسما ڊاهي”.

اڄ کان ٽي ڏينهن پوءِ بنگالين کي آزادي وٺي ڏيندڙ، ڪالهه تائين بنگله بنڌو سڏيو ويندڙ، ملڪ جي باني وزير اعظم شيخ مجيب الرحمان  کي سندس ئي فوج جي آفيسرن قتل ڪري سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو. هنن بنگله بنڌو جي قتل  ۽ سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ڪاڻ تاريخ پندرنهن آگسٽ چونڊي، جيڪو ڏينهن هندستان جي آزادي جو به ڏينهن آهي.

طارق علي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته شيخ مجيب الرحمان ۽ اندرا گانڌي جا قتل بنگلاديش جي علحدگي جو بدلو هو. پر اها به حقيقت آهي ته جيتوڻيڪ ان وقت ملڪ کي آزاد ٿئي چار سال مس ٿيا هئا پر بلڪل اڳ ۾ ئي لتاڙيل، لٽيل، ڦُريل، رت جي دريائن مان لنگهندڙ بنگلاديش سان تڏهن حڪمران پارٽي اهو حشر ڪيو هو، جيڪو اڄڪلهه سنڌ سان حڪمران پارٽي ڪيو آهي. شيخ مجيب جي خاندان ۽ پارٽي جي ماڻهن چئن سالن ۾ ڪري گذاري هئي

پر مونکي ياد آيو ته تڏهن بسنت هال حيدرآباد ۾ کاٻي ڌر جي ڪامريڊن جمهوري قوتن جي ڪانفرنس جي نالي ۾ جلسو ڪيو هو. ان جلسي ۾ جڏهن معراج محمد خان جي پارٽي جو اڳواڻ تقرير ڪرڻ آيو ته ان خلاف نعرا لڳا هئا: “شيخ مجيب الرحمان جي قاتلن تي لعنت.” ڇاڪاڻ ته انهن ئي ڏينهن ۾ پڻ اها سازشي ٿيوري گردش ۾ هئي ته شيخ مجيب کي چين مارايو آهي ۽ معراج محمد خان وارا تڏهن چين نواز سمجهيا پئي ويا ۽ هي ڪامريڊ روس نواز. انهيءَ ئي جلسي ۾ فهميده رياض پنهنجو اهو مشهور نظم پڙهيو هو:

ڦر فوج ڪي بوٽ تلي هي بنگال ڪي گهائل ڌرتي

شيخ مجيب ٻيو ڀيرو هاڻ قتل ٿيو آهي، جڏهن سندس تصويرون ۽ مجسما سندس ئي ماڻهن هٿان ڊاٺا ۽ گهليا پيا وڃن. ٻيو ته ٺهيو مها ڪوي روبيندر نات ٺاڪر (ٽيگور) جا مجسما به ڀڳا پيا وڃن. پر منهنجي ان بنگلاديشي دوست جو چوڻ آهي ته اهي سڀ بهانا آهن. هن چيو: مان سوچيان ٿو ته شيخ حسينه واجد جيڪا ملڪ کي ترقي پئي وٺرائي، انکي رورس گيئر لڳي ويو. جيڪو ماڻهو ڊاڪٽر يونس  صدر ٿيو آهي، ان پاڻ ڪڏهن ٽئڪس جو هڪڙو ٽڪو به ڪونه ڀريو آهي. هن چيو ته کيس ڊپ آهي ته بنگلاديش ۾ اقليتن سان ڏاڍايون وڌنديون. جنھن کي حسينه حڪومت روڪيو هو. بنگلاديش ۾ طالبانيت زور وٺندي. پر ڪراچي ابراهيم حيدري ڄائي منهنجي دوست، ڪيئن سالن کان نيويارڪ ۾ بنگالي گهڻائي واري علائقي ۾ رهندڙ مجيد گبول جو چوڻ هو بنگالي سياسي طور سوچيندڙ ۽ هڪڙي ئي قوم آهي، اهي ٻيهر چڙهي پار پوندا.