ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بينڪ فراڊ ڪيس ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب رليشن شپ آفيسر شهيب الرحمان بينڪ طرفان شڪيب الحسن خلاف ڪيس داخل ڪيو، جنهن ۾الزام لڳايو ويو ته ڪرڪيٽر ۽ سندس 3 ساٿين کي تقريبن 41.4 ملين ٽڪا الڳ الڳ چيڪس ذريعي منتقل ڪرڻا هئا پر هنن ايئن نه ڪيو. رپورٽ موجب ڄاڻايل ڪيس ۾ شڪيب الحسن جي نالي ڪمپني الحسن ايگرو فارم لميٽيڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر غازي شاهگير حسين ۽ ڊائريڪٽرز عماد الحق ۽ مئالڪار بيگم کي نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس جي بيان موجب چيڪ قرضن جا ڪجهه حصن جي ادائيگي لاءِ جاري ڪيا ويا هئا پر فنڊ ناڪافي هجڻ سبب روڪيا ويا. ڍاڪا جي هڪ عدالت آچر ڏينهن شڪيب الحسن خلاف بينڪ بابت فراڊ ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ وڌيڪ 3 ڄڻن جا نالا به شامل آهن. شڪيب کي 15 ڊسمبر تي چيڪ فراڊ ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو هو، پوءِ 18 ڊسمبر تي عدالت کيس شروعاتي ٻڌڻي کانپوءِ 19 جنوري تي عدالت سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.