اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ووٽر لسٽ مان ووٽ خارج ٿيڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت شهري مولانا عزيز الحق جي درخواست رد ڪندي معاملو اُڪلائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ووٽر لسٽ مان ووٽ خارج ٿيڻ واري معاملي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ م پنج رڪني آئيني بينچ مولانا عزيز الحق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار مولانا عزيز الحق موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017ع جي ڪائي قانون حيثيت ناهي، هن چيو ته هو 1952ع کان پاڪستان ۾ رهي رهيو آهي ۽ ان جو شناختي ڪارڊ 1978ع ۽ 2004ع ۾ جاري ٿيو هيو. هن شڪايت ڪئي ته هُن کي غير ملڪي يا هوائي مخلوق چيو ويندو آهي. جڏهن ته هو قانوني طور تي پاڪستان جو شهري آهي. عدالت بنگال جي رهواسي پاڪستانين سان امتيازي سلوڪ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اهو هڪ وڏو مسئلو آهي ته اُن کي نه پاڪستاني تسليم ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي انڪار ڪيو پيو وڃي. جسٽس مندوخيل حڪومت کي هدايت ڪئي ته يا ته شهرين کي ملڪ ۾ رکڻ جي پاليسي ٺاهي وڃي يا انهن کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به اهڙا ڪيس سامهون آيا هئا. واضع هدايتون ڏنيون ويون هيون. عدالت مولانا عزيز الحق کي سياسي تقرير بازي تي نوٽيس وٺندي درخواست رد ڪندي معاملو اُڪلائي ڇڏيو.