پيارو اسٽيشن (ن پ ا ) پيارو اسٽيشن ۾ علي آباد ڪالوني جي رهواسين عباس برهماڻي، زضوان پنهور، قادن چانڊيو، گل حسن چانڊيو، نظام الدين چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ويهن ورهين کان علي آباد ڪالوني ۾ پيپلز پارٽي ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو، اسان وٽ پيپلز پارٽي جو يوسي چيئرمين چونڊيل آهي، جتي پنج لک ماهوار بجيٽ اچي رهي آهي، پر ڪراس موري به نه ٿو ٺهرائي ڏئي، هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي خاص ماڻهن جون گهٽيون ۽ گهرن اڳيان دڪا هڻائي ڇڏيا آهن، پر علي آباد واسي برسات ۾ گاري ۽ گپ ۾ اچڻ وڃڻ تي مجبور آهن، احتجاج ڪندڙ ڊي سي دادو، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته علي آباد ڪالوني جون گهٽيون پڪيون ڪرائي ڀڳل ڪراس موريون ٺهرايون وڃن، ٻئي پاسي يوسي چيئرمين سيد اطهر شاھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اليڪشن جي ڪري ترقياتي ڪم بند پيل آهن ۽ يوسي جي ماهانا پنج لک بجيٽ آهي، جيڪا ملازمن ۾ خرچ ٿي وڃي ٿي، اڃا به مان شهر تي گهران خرچ ڪري رهيو آهيان.