ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشوري بنيادي سهولتن خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، ريلي ڪڍي مک چوڪ تي ڌرڻو،بلاول ڀٽو جيالا فورس جي سڏ تي  ڄامشوري ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ ڊي سي خلاف ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو آڏو ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙ حق نواز برهماڻي،شوڪت نائچ،ميان خان بليدي،ميرمرتضيٰ نائچ ۽ ٻين چيو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب صاف پاڻي،صفائي ۽ بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ آهي، ڄامشوري جا رهواسي   جديد ۾ به پٿر جي زماني واري زندگي گذاري رهيا آهن،صاف پاڻي نه ملڻ سبب رهواسي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا گٽرن ۽ برسات جو پاڻي واھ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ۽ واپس ساڳيو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو ٿو وڃي،هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي کين بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.