ڪڪڙ (ن پ ا)  ٿرڙي جادو شھيد ۾ رھواسي بنيادي سهولتن جي حاصلات لاءِ روڊن تي نڪري آيا، ان ڏس ۾ ٿرڙي جادو شھيد ۾ شھري ايڪشن ڪاميٽي طرفان پيئڻ جي صاف پاڻي بجلي گيس ڊرينيج سسٽم، روڊ رستن اسٽريٽ لائيٽ سميت ٻين اھم بنيادي مسئلن جي حل لاءِ شھرين پاران مولانا اياز احمد ٻٻر ، خالد حسين، اعجاز علي، حاجي اصغر ٻٻر، شاهه زيب، ارشاد احمد محمد ھارون، شڪور، محمد حسن سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪاڇي گاج روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪندي سھولتون ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو. ان دوران احتجاج ڪندڙن چيو ته ٿرڙي جادو شھيد جا ھزارين آبادي جا ماڻھو رھن ٿا، پر ھتان جا رهواسي اڃا تائين پيئڻ جي صاف پاڻي،  گيس، ڊرينيج سسٽم، روڊ رستن سميت اھم بنيادي سھولتن کان وانجھيل آھن، جنھن ڪري شھري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. گذريل 3 سالن جي عرصي دوران واٽرسپلاءِ ناڪاره ھئڻ سبب انتظاميا طرفان سندس مرمتي ڪم نه ڪرائڻ سبب غير فعال پيل آھي. سوين ڳوٺاڻا  سخت گرمي سبب شھري  پاڻي ڍڪ لاءِ بي حال ٿي تڙپي رھيا آھيون، يوسي چيئرمين ھرمھيني 10 لک ملندڙ فنڊ عوام تي خرچ ڪرڻ بدران مبينا پاڻ ھڙپ ڪري رھيو آھي، جن  شھرين کي ڪاب سھولت ڏيارڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آھي سندس عملو پڻ غائب آھي فنڊ جو احتساب ڪيو وڃي اسين ضلعي دادو جي انتظاميا کان مطالبو ڪيون ٿا ت ٿرڙي جادو شھيد جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت توڙي يوسي چيئرمين ۽ ضلعي ڪامورن خلاف عدالت ڏانھن رخ ڪنداسين.