پيرولاشاري (ن پ ا) يوسي پيرولاشاري جي ڳوٺ ظاهر خاصخيلي جي ڳوٺاڻن پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري معصوم ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن مالڪ ڏنو خاصخيلي، عبدالخالق خاصخيلي، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جو سرڪاري اسڪول مرمت نه ٿيڻ ڪري زبون حال ٿي ويو آهي، روڊ به ناهي اچ وڃ ۾ وڏي تڪليفن کي منھن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي غائب آهن، ڳوٺاڻن موجب گذريل پوليو مهم ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو جنهن سبب سرڪاري توڙي چونڊيل نمائندن پهچي ڳوٺ جا سماجي مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا جڏهن ڳوٺ جو ڪوبه مسئلو حل نه ڪيو ان ڪري هن ڀيري جيستائين ڳوٺ طاهر خاصخيلي جو روڊ ۽ اسڪول نه ٺهرايو ويو تيستائين ڪجھ به ٿي پئي مگر ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين