نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ جان محمد جمالي جي رھواسين بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف پوليو جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن مشتاق جمالي، امجد جمالي، اختيار جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻاڙن سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو ڳوٺ 2022 واري برساتن ۾ ٻڏي ويو جنھن ڪري ڳوٺ جون گھٽيون رستا مڪمل تباھ ٿي ويا ھنن چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪاهب بنيادي سھولت موجود ناھي بنيادي سهولتون ملڻ تائين اسان جو احتجاج جاري رھندو احتجاج ڪندڙن پوليو جا قطرا پيارڻ کان انڪار ڪندي ايندڙ ٽيم کي واپس ڪري ڇڏيو.