لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو سٽي ڪئمپس جي شاگردن بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، شاگردن اڳواڻن راجا خان لاشاري، شيراز چانڊيو، ارشاد الله، صبتعين سانگي، ڪامران ملگاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو سٽي ڪئمپس ۾ پيئڻ لاءِ فلٽر وارو صاف پيئڻ ناهي، آڊيٽوريم هال ۾ ڪرسيون موجود آهن، بجلي جا پکا خراب هئڻ سبب شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.