لاڙڪاڻو(بيورو  رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ پرائمري بوائز ۽ گرلس اسڪول حيدري محلا ۾ استادن، ٿڌي پاڻي، بجلي سميت ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ اسڪول جي عمارت جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ خلاف اسڪولي ٻارن هٿن ۾ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اسڪولي ٻارن طاهره، دعا بتول لغاري، زارا، ڪائنات، ام البنين، سونهن، سرهاڻ فاطمه ۽ ٻين چيو ته اسڪول 500 ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جن جي تعليم لاءِ صرف 6 پرائمري استادن کي مقرر ڪيو ويو آهي، اسڪول ۾ استادن، عملي، ٿڌي پاڻي، بجلي سميت ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، اسڪول جي عمارت پراڻي هئڻ سبب ڪيترائي ڀيرا چاپڙ ڪِري پيا، جنهن ۾ اسين معجزاڻي طور محفوظ رهيا آهيون، هنن چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ايم پي اي جميل احمد سومرو سميت تعليم جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسڪول مان استادن ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ ختم ڪري گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن.