بنون (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون ۾ هٿياربندن روچه چيڪ پوسٽ تي قبضو ڪري 7 پوليس اهلڪارن کي هٿيارن سميت اغوا ڪري ويا، ضلعي پوليس آفيسر ضياءَ الدين اهلڪارن جي اغوا جي تصديق ڪندي چيو ته احمد زئي سب ڊويزن وٽان 7 پوليس اهلڪارن کي هٿياربند کڻي ويا آهن. ڊي پي او علائقي کي گهيري ۾ وٺي يرغمالين لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي شڪ جي بنيادن تي گرفتاريون ڪري ورتيون، رات دير تائين اغوا ٿيل اهلڪار نه موٽي سگهيا.