بنون ۾ فورسز جي چوڪي تي آپگهاتي حملو، 10 فوجي ۽ 2 ايف سي اهلڪار شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا

0
26
بنون ۾ فورسز جي چوڪي تي آپگهاتي حملو، 10 فوجي ۽ 2 ايف سي اهلڪار شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا
بنون ۾ فورسز جي چوڪي تي آپگهاتي حملو، 10 فوجي ۽ 2 ايف سي اهلڪار شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا

بنون (م ڊ)  شهيد ٿي ويا،  جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، بنون جي علائقي مالي خيل ۾ aسيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملي جي ڪوشش ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ دهشتگردن جي آپگهاتي حملي ۾ 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيد ٿيلن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 10 اهلڪار ۽ 2 فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا اهلڪار شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي اهلڪارن دهشتگردن جي چيڪ پوسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي، داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ تي دهشتگرد بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ جي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپگهاتي ڌماڪي سبب چيڪ پوسٽ جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ انفرااسٽرڪچر کي نقصان پهتو ۽ 12 جوان شهيد ٿي ويا. آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ گوجرانوالا سان تعلق رکندڙ صوبيدار عمران احمد فاروق، سرگوڌا جو حوالدار محمد جاويد، ايبٽ آباد جو نائيڪ طهماس احمد، هريپور جو نائيڪ باسط فريد ۽ ٻيا شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿيون. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز  شريف  بنون ۾ خوارجي دهشتگردن جي حملي ۾ 12 جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن ملڪ جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اڳواڻن چيو ته پوري قوم ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو ارادو ڪيو ۽ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهادت ماڻيندڙ جوانن جي لاءِ دعا ڪئي. صدر شهيدن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي خوارجي دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن شهادت ماڻيندڙ 12 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي  شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو  اظهار ڪيو آهي.  هن چيو ته ملڪ جي بهادر جوانن حياتين جون قربانيون ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائي ڇڏيو. ملڪ  ۾ امن جي لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن