راولپنڊي (م ڊ)  سيڪيورٽي فورسز بنون ڇانوڻي تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي آپگهاتي بمبارن سميت 16 دهشگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سپاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، خارجي عنصر بنون ڇانوڻي تي دهشتگرد حملي جي ڪوشش ڪئي، دهشتگرن ڇانوڻي جي سيڪيورٽي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر فورسز فوري جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ حملو ڪندڙ سمورا 16 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ چار آپگهاتي بمبار پڻ شامل هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شديد چڪرين دوران پنج بهادر جوان دشمنن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته آپگهاتي ڌماڪن سبب ڇانوڻي جي ڀت جو هڪ حصو ڪِري پيو. آءِ ايس پي آر ترجمان موجب، ڌماڪن ۽ فائرنگ سبب ويجهو موجود هڪ مسجد ۽ هڪ رهائشي عمارت کي سخت نقصان پهتو، مسجد ۽ عمارت جي متاثر ٿيڻ سبب 13 بيگناهه شهري شهيد ۽ 32 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب، انٽيليجنس معلومات مان اِهو ثابت ٿيو ته حملي ۾ افغان شهري ملوث هئا، ثبوت آهن ته حملي جي رٿابندي ۽ قيادت افغانستان ۾ موجود خارجين ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان اميد ڪري ٿوته افغان عبوري حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪيندي، پاڪستان سرحد پار کان ايندڙ خطرن تي ضروري قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر سپاهين ۽ معصوم شهرين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿيون، هر قيمت تي پنهنجي قوم جي حفاظت لاءِ اسان جو عزم مضبوط آهي.