بنون(م ڊ) بنون جي تعلقي ميريان ۾ شرپسندن گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ممباتي بارڪزائي ڪوٽڪه  کي رات جي اونداهي ۾ ساڙي ڇڏيو، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب اسڪول جي سائنس روم ۾ پيل ليب جو سڄو سامان رک جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو. شرپسند عنصرن اسڪول مان شمسي پلانٽ سميت ٻيو سامان به کڻي ويا. حملي آور ڪارروائي بعد اسڪول جي مک در تي ڪالعدم تنظيم طرفان ڌمڪي واري وال چاڪنگ به ڪئي وئي آهي، اسڪول کي ٻيهر کولڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجن جي ڌمڪي ڏني وئي. پوليس اسڪول مان فنگر پرنٽ حاصل ڪري ورتا، ڊي پي او بنون افتخار جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن کانپوءِ بيان جاري ڪيو ويندو.