بند گهٽي ڏانهن ويندڙ نظام ۽ سياسي ڌرين جو ڪردار

0
91
بند گهٽي ڏانهن ويندڙ نظام ۽ سياسي ڌرين جو ڪردار

ايئن لڳي ٿو ته ملڪ اندر اڪثر سياسي ڌريون سياست ملڪ، عوام جي مفاد بجاءِ پنهنجي پنهنجي سياسي مفادن لاءِ ڪري رهيون آھن سياسي مفادن  جي ان جنگ ۾ عوام جي تباهه حالي ۽ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي مهانگائي ۾ عام ماڻهن جي رحم جوڳي ٿي ويل زندگي جي صورتحال جو ته ڪو احساس ته نه پيو ڪيو وڃي پر سياسي مفادن جي ويڙهه ۾ ڪجھه سياسي ڌريون ڪنهن به حد تائين وڃڻ واري سفر تي سئو جي اسپيڊ سان هلي رهيون آھن. ملڪ اندر پيدا ٿيل انهي سياسي ڇڪتاڻ جو ماحول ملڪي حالتن کي وڌيڪ ڳنڀير ڪري رهيو آھي. ملڪ جون معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي ان سطح تي اچي پهتيون آھن جو صنعتڪار اسٽيٽ بينڪ جي گورنر  اڳيان اهو اظهار ڪري رهيا آھن ته جيڪڏهن ملڪي معاشي حالتون مارچ تائين اهي رهيون ته ملڪ اندر هنگامه شروع ٿي سگهن ٿا پر سياسي ڌريون ان صورتحال جو ادراڪ هجڻ باوجود سياسي مفادن واري جنگ کي زور ۽ شور سان جاري رکيون پيون اچن جنهن ڪري ملڪ اندر سياست شطرنج ۽ ريسلنگ جو ڏيک ڏئي رهي آھي. سياسي ڌريون هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪري رهيون آھن. پنجاب صوبي ۾ عمران خان جي هدايت تي پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير طور 12 جنوري تي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي گورنر ان سفارش جي منظوري نه ڏني ۽ ايئن آئين تحت 48 ڪلاڪ گذرڻ بعد پنجاب اسيمبلي 14 جنوري تي ٽٽي چڪي آھي

پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ جو فيصلو عمران خان ۽ ق ليگ جو هو جن جا پنجاب اسيمبلي جي ڪل 372 ميمبرن مان 190 ميمبر هئا ۽ مخالف ڌر جا 181  ميمبر هئا جيڪي استعيفائن جا حامي نه هئا پر رڳو 9 ميمبرن جي اڪثريت هجڻ تي عمران خان پنهنجي ميمبرن سان گڏ اپوزيشن جي ميمبرن کي به اسيمبلي ٽوڙائي گهر اماڻي ڇڏيو. سوال هي آھي ته جيڪڏهن ڪنهن سياسي ڌر جو استعيفائن ڏيڻ ۾ سياسي فائدو هجي ته ڇا ان کي ٻين کي ان فائدي لاءِ قرباني جو ٻڪرو بنائڻ جي اجازت هجڻ  گهرجي يا نه، بابت سوچ ويچار سان گڏ مناسب آئيني ترميم منظور ڪرائڻ جي ضرورت آھي پر في الحال ته سياسي ڌريون سياسي ريسلنگ ۾ مصروف آھن اهو ئي سبب آھي ته پنجاب اسيمبلي جي ٽٽڻ بعد 17 جنوري تي ڪي پي  جي وڏي وزير محمود خان به ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري اماڻي جنهن کي گورنر ڪي پي ڪالھه منظور ڪري ڇڏيو آھي  جنهن بعد ڪي پي اسيمبلي به ٽٽي چڪي آھي. پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جي ٽٽڻ بعد بحث ته ان سوال تي ٿيڻ گهرجي ته قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي هڪ ئي وقت عام چونڊن بجاءِ رڳو پنجاب ۽ ڪي پي  اسيمبلين جي صوبائي تڪن تي عام چونڊ ٿيڻ جو ملڪي سياست تي ڪهڙو اثر مرتب ٿيندو. پنجاب ۽ ڪي پي صوبائي اسيمبلين جي ڌار ڌار چونڊن سبب ملڪ اندر هڪ ئي وقت صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي مدت هڪ ئي وقت مڪمل ٿيڻ جو سلسلو بند ٿي ويندو ان جا ملڪ جي سياسي حالتن تي ڪهڙا هاڪاري ۽ ڪهڙا منفي اثر پئجي سگهن ٿا? انهن سوالن تي غور جي ڪنهن کي به همٿ نه ٿي رهي آھي بس سياسي ضد جي سوچ سان ملاکڙو جاري آھي جنهن ملاکڙي ۾ هر روز مختلف سياسي ڌريون نوان پينترا ۽ اٽڪلون استعمال ڪري رهيون آھن. عمران خان ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ بعد  ان  قومي اسيمبلي ۾ اچڻ جو اشارو ڏنو جنهن اسيمبلي بابت هو مسلسل اهو چئي رهيو هيو ته ان ۾ چور ويٺا آھن ان اسيمبلي ۾ واپس وچڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿي پر عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ جو ارادو ان ڪري ظاهر ڪيو آھي جو عمران خان کي معلوم آھي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ  اسيمبلي ۾  واپس نه وئي ته پوءِ ايندڙ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ مرڪزي نگران حڪومت جي قيام ۾ ان جو ڪو عمل دخل نه هوندو. راجا رياض اپوزيشن ليڊر طور ۽ شهباز شريف وزير اعظم طور نگران وزير اعظم جي نالي تي مشاورت ڪري مقرري ڪري ڇڏيندا. راجا رياض ايندڙ عام چونڊ ن ليگ جي پليٽ فارم تان وڙهڻ تي غور ڪري رهيو آھي ان ڪري نگران وزير اعظم جي نالي تي شهباز شريف سان ان جو اختلاف ٿيڻ ممڪن نظر نٿو اچي

اهو ئي سبب آھي ته پنهنجي سياسي نقصان کي روڪڻ لاءِ عمران خان وري اسيمبلي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي راجه پرويز اشرف 35 پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون. حيرت جي ڳالھه اها آهي ته 9  اپريل 2022ع تي ڏنل استعيفائون جن کي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري قائم مقام اسپيڪر طور منظور ڪيو هو موجوده اسپيڪر ان کي رد ڪري مسلسل اهو موقف ورجائيندو رهيو ته جيستائين استعيفائين جي تصديق لاءِ استعيفي ڏيندڙ ميمبر فردن فردن اچي تصديق نٿا ڪرائن تيستائين استعيفائون منظور نٿيون ڪري سگهجن  پر جڏهن عمران خان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ته سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ لاءِ فردن فردن استعيفائن جي تصديق واري موقف کي پاسي تي رکي اسپيڪر 35 پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون جن ۾ عوامي مسلم ليگ جو شيخ رشيد به شامل آھي. اسپيڪر پهريان 11 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون هيون جن تي ضمني چونڊ به ٿي چڪي هاڻي 35 ميمبرن مان 33 تڪن تي سڌي ريت چونڊيل ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آھن جنهن سان پي ٽي آءِ جي لڳ ڀڳ سموري مرڪزي قيادت ۽ ڳالهائڻ جي سگهه رکندڙ قيادت اسيمبلي کان ٻاهر به ٿي وئي آھي. لڳي رهيو آھي ته ڪجھه ڏينهن ۾ انهن 33 تڪن تي ضمني چونڊون ڪرائڻ لاءِ شيڊيول جاري ٿي ويندو ان بعد هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ جي ڪجھه ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿينديون جنهن بعد قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجه رياض رهندو پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي به نورعالم خان وٽ رهندي ۽ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن کي مليل ڪاميٽين جي چيئرمينن جا عهدا به برقرار رهندا. حڪومتي اتحاد جي ان عمل خلاف عمران خان وٽ رڳو سپريم ڪورٽ وڃڻ جو رستو آھي پر اتي استعيفائن جي منظوري لاءِ وڃڻ بعد هاڻي منظور ٿيل استعيفائن کي رد ڪرائي رڪنيت بحال ڪرائڻ جي استدعا ڪرڻي پوندي جيڪو پي ٽي آءِ لاءِ کل جوڳو عمل هوندو پر سياسي ساک جي ته هن وقت ڪنهن کي پرواهه نه آھي ان ڪري ڌريون ڪو به قدم کڻي سگهن ٿيون. سوال هي آھي ته سياسي فائدن لاءِ حدون ڪراس ڪندڙ ڌريون اقتدار ۾ ڇا خدمت لاءِ اچي رهيون آھن ڇا  هڪ ٻئي کي زير ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪرتب ڏيکاريا پيا وڃن انهي ماحول ۾  ٿيندڙ چونڊن بعد ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي سگهندو جيڪڏهن چونڊن بعد به ملڪ اندر سياسي استحڪام نه آيو ته پوءِ ملڪ ۾ ڪهڙي افراتفري جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي وارا سوال اهم آھن. سوال ته اهو به آھي ته پنجاب ۽ ڪي پي  صوبي ۾ صوبائي تڪن تي ٿيل چونڊن جي نتيجن تحت جيڪڏهن پي ٽي آءِ واضح اڪثريت حاصل ڪندڙ پارٽي نه ٿي سگهي ۽ چونڊ نتيجا اهڙا آيا جن سان موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽيون گڏجي  پنجاب ۽ ڪي پي صوبي ۾ واضح طور حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وڃن ٿيون ته انهن نتيجن جا اثر سنڌ، بلوچستان اسيمبلي جي سيٽن ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تي عام چونڊن جي نتيجن تي به پئجي سگهن ٿا ۽ انهن چونڊ نتيجن  جو رخ به ڪي پي ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهندڙ پارٽين طرف مڙي سگهي ٿو. هن وقت جيڪا سياسي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي ان ۾ مامرا سپريم ڪورٽ طرف وڃي سگهن ٿا. سياسي مامرا پارليامينٽ بجاءِ ڪورٽن ۾ حل نه ٿيڻ گهرجن پر سياسي ڌريون سياسي ويڙھه وڙهڻ ۾ اهڙو ته رڌل  آھن جو انهن جي سوچن ۽ دماغن تي تالا لڳل نظر اچي رهيا آھن. اهي پاڻ جمهوري نظام کي بند گهٽي طرف موڪلي رهيا آھن جيڪو انهن جو عمل جمهوري نظام تي راتاهي جو سبب ٿي سگهي ٿو. ايئن تجربن مٿان وري پراڻا تجربا ٿيندا ملڪ اڳتي بجاءِ پوئتي ويندو ۽ عوام جي حالت وڌيڪ ابتر ٿي ويندي. ان وقت گهٽي گهٽي ۾ امن امان جي ڪهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي سوچي به خوف ٿي رهيو آھي.