بند گهٽيءَ ۾ سياست ناهي ٿيندي

0
18
بند گهٽيءَ ۾ سياست ناهي ٿيندي

ان ڳالهه تي ڪي ٻه رايا نه آهن ته، حڪومت ۽ مخالف ڌُر جمهوري نظام جا ٻه اهڙا حصا آهن، جو جيڪڏهن مخالف ڌُر نه هجي ته، جمهوريت رُکي ۽ ڦِڪي لڳندي آهي. اسان وٽ البته بدقسمتيءَ سان پهرئين ئي ڏينهن کان وٺي هر حڪومت پاڻ کي حرف آخر، عقل ڪل ۽ نجات ڏياريندڙ سمجهي ٿي ۽ ان جي خيال ۾ مخالف ڌر جمهوريت ۽ ترقيءَ جي دُشمن آهي. ڪڏهن ڪڏهن مخالف ڌُر تي ملڪ دشمن هجڻ جون چٿرون به ڪيون وينديون آهن. ٻين اسرندڙ ملڪن جي ابتڙ اسان وٽ حڪومت وڌي چڙهي اهو تاثر به ڏيندي نظر ايندي آهي ته، حڪومت ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهن. ٻنهي جو جوڙ، جِيس هجڻ، هڪ پيج تي هجڻ ۽ ان جي اقرار جو راڳ آلاپيندو رهڻ ڇو ضروري آهي ۽ اهو ملڪي آئين جي ڪهڙي شق جي عين مطابق آهي؟ اهو اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب ڪنهن وٽ به ڪونهي.

                 غير ضروري طور تي يا نفسياتي طور تي لشڪر پسنديءَ جي مرض سياسي جماعتن کي ان رستي تي تيز پئي ڊوڙايو آهي، پر اڃان تائين به ان رستي تي اهي ڊوڙي رهيون آهن، توڙي جو ان جي ضرورت نه آهي، حڪومت راءِ ڏيندڙن جي ووٽن سان اقتدار ۾ ايندي آهي ۽ ان جو آئيني، قانوني، اخلاقي ۽ جمهوري فرض اهو هوندو آهي ته، جنهن جماعت ۽ اتحاد جي حڪومت هجي، اها پنهنجي چونڊ منشور تي اهڙي ريت عمل ڪري، جو اقتداري مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر اها جماعت وري ميدان ۾ لهي ته، ووٽرن جي هر سوال جو تسلي بخش جواب ڏئي، نه ڪي منهن لڪائيندي وتي ۽ سازشون، گهوٽالا، آر ٽي ايس ويهي رهڻ، نتيجا مئنيج ڪرائڻ ذريعي اقتدار جي ميويدار وڻ هيٺان ويهي. صاف ۽ سڌن لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته، پاڪستان ۾ عوام جي حڪمرانيءَ واري حق جا واعدا ۽ ڳالهيون رُڃ ثابت ٿيون آهن. سياسي جماعتون پنهنجا اختلاف پاڻ طئي ڪرڻ جي بدران سهارن جي ڳولها ۾ رهنديون آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته، “سڀ ڪُجهه”. اهي سهارا ميڙي کڻي هليا ويندا آهن ۽ سياسي جماعتن جو حال، ڪوئلن جي دلالي ۾ منهن ڪارو ڪرڻ جي مصداق هوندو آهي.

پاڪستان جي سياسي تاريخ پنهنجي شروعات کان وٺي هيستائين بغض، گٿو ڳالهائڻ، اسٽيبليشمينٽ جي چاپلوسي جهڙن ڪمن تي ئي ٻڌل آهي. مُني صديءَ جي تاريخ جا ورق ڦلهورڻ جي بدران جيڪڏهن هلندڙ صديءَ جي رڳو 24 سالن جي معاملن، اثرن ۽ نتيجن کي ئي ڏسي وٺجي ته، اها ڳالهه واضح ٿي ويندي آهي ته، ماضيءَ وانگر انهن سالن ۾ به هرگز سڀ ڪُجهه سُٺو نه آهي. جنهن جو سبب اهو آهي ته، سياسي عمل قدرن ۽ روايتن، اصولن ۽ آئين ۽ قانون جي پاسداريءَ کان سراسر محروم آهي. شخصيت پرستي، گارگند ۽ ڪردارڪشي سياسي عمل جو رزق بڻجي رهجي ويا آهن. جنهن جا نتيجا واضح آهن. اڄ پاڪستان صرف سياسي غير جٽاداريءَ جو شڪار ئي نه آهي پر معاشي ابتريءَ جو به دور دورو آهي. مهانگائي آهي، غربت، بيروزگاري ۽ طبقاتي تضاد، ان سان گڏ ئي وفاق ۽ ان جي ايڪائين جي وچ ۾ موجود اختلاف پڻ آهن. بلوچستان جو دکندڙ جوالا مکي به ڦاٽن جي ويجهو آهي، پر مجال آهي جو ڪنهن کي انهن مسئلن ۽ مشڪلاتن جو ادراڪ هجي. تقريبن سمورا پنهنجي پنهنجي ڊفلي وڄائي رهيا آهن.

ڪُجهه ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف سان ڳالهه ٻولهه لاءِ حڪومت جي نمائندي راڻا ثناءَ الله جي اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سان رابطي جي خبر آئي ته هڪ اميد پيدا ٿي ته شايد ڌرين کي هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته، “لڙتي لڙتي هوجاتي هي گم، ايڪ ڪي چونچ اور ايڪ ڪي دُم” پر گذريل 24 ڪلاڪن کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس کان پوءِ ليگي رهنما ۽ وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته، 9 مئي جي واقعن تي معافي گهرڻ تائين عمران خان سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي، جڏهن ته، دفاع وارو وفاقي وزير خواجا محمد آصف اهو چوندي نظر اچي ٿو ته، اسان پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي حق ۾ نه آهيون. ان ‘اسان’ مان مراد ان جي ذات آهي يا جماعت، ان جي وضاحت هو پاڻ ڪري سگهي ٿو، البته ذريعا ان ڳالهه جي تصديق ڪري رهيا آهن ته، ميان نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي حوالي سان پارٽيءَ جي اندر ورڇ تمام گهري نظر آئي. ڳالهين جي حق ۾ جيڪي پنج ست اڳواڻ آهن، انهن کي وزيراعظم شهباز شريف جو هم خيال سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته اڪثريت جيڪا ڳالهين جي مخالف آهي، اها بظاهر ته پي ٽي آءِ دور ۾ ٿيل بدترين سلوڪ، ڪيس داخل ڪرڻ، پوليس ۽ نيب جي تحويل دوران تشدد جو نشانو بنائڻ ۽ منظم انداز ۾ ٿيندڙ ڪردار ڪشي جي ڪري نه صرف تحريڪ انصاف خلاف سخت موقف رکي ٿي پر اهو اڪثريتي گروپ ڪجهه معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ سان پڻ شڪايتون رکي ٿو. توڙي جو هنن شڪايتن کي ڪڏهن ڪڏهن مسلم ليگ (ن) جا ڪجهه رهنما، خواجه آصف، ميان جاويد لطيف، سينيٽر عرفان صديقي ۽ نهال هاشمي اظهار جي زبان ڏيندا رهيا آهن، پر گذريل ڏينهن منعقد ٿيل مسلم ليگ (ن) جي گڏجاڻيءَ ۾ تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جي حوالي سان جيڪا ڪاوڙ ڏسڻ ۾ آئي، اها عجيب ته نه آهي پر ان تي حيراني ان ڪري پڻ آهي ته، سياسي عمل ۽ حڪومتي نظام جو تجزيو ڪندڙن جي خيال ۾ مسلم ليگ (ن) کي ذاتي ۽ جماعتي رنجشن جي سطح کان مٿانهون ٿي سياسي مفاهمت لاءِ وڏي دل کان ڪم وٺڻ گهربو هو. اهو چوڻ غلط نه هوندو ته، ڪرپشن ۽ ڪُجهه ٻين ڪيس ۾ گرفتار، اڊيالا جيل ۾ بند اڳوڻو وزير اعظم عمران خان به هڪ اهڙي بند گهٽي جي سياست جو عادي آهي، جنهن ۾ ٻئي ڪنهن فريق جو وجود نه هجي ۽ جيڪڏهن هجي ته هڪ پيج تي موجود ملٽري اسٽيبلشمينٽ ان جا ڌاڻا ڪڍڻ ۾ عملي طور تي مدد ڪري. عمران خان جي ساڍن ٽن سالن جي اقتداري دور ۾ جنرل باجوه رجيم بي مثال انداز ۾ حڪومت جي مدد ڪئي ۽ ناز نخرا برداشت ڪيا، اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل نه آهي، ايتريقدر جو قانونسازي ۽ اجلاسن جو ڪورم پورو ڪرڻ جو ‘ٺيڪو’ به ڳجهين ايجنسين جي آفيسرن، اعليٰ اختيارين جي حڪم تي پاڻ سنڀالي ورتو هو. بهرحال اهو ماضي آهي. يقينن ان جون يادگيريون خوشگوار نه آهن، تلخين سان ڀريل آهن. انهن تلخين کي عملي طور تي ڀوڳيندڙ اڄ اقتدار ۾ آهن. پر اها ڳالهه به حقيقت آهي ته سياست ۾ دوستيون ۽ دشمنيون مستقل ناهن هونديون. مثال طور عمران خان انتهائي بازاري انداز ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي تان جلسن ۽ محفلن ۾ چٿرون ڪندو هو، اڄ ان جي جماعت فضل الرحمان جي دروازي تان اُٿي ئي نٿي، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي ان اتحاد جو سربراهه آهي، جيڪو تحريڪ انصاف طرفان ٺاهيو ويو آهي. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ چون ٿا ته، سندن جماعت سياسي اصولن ۽ ضرورت کان اڻڄاڻ نه آهي پر اهي نظام کي ‘ساواڪ’ ۽ ‘گسٽاپو’وانگر هلائڻ واري سوچ رکن ٿا.

عمران خان ۽ ان جي جماعت سان ڳالهين لاءِ راڻا ثناءَ الله جي محمود خان اچڪزئي سان رابطن تي ليگي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته، ان شخص سان ڪيئن ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، جيڪو قومي اسيمبليءَ جي فلور تي بيهي اهو چئي چڪو هجي ته، اپوزيشن سان هٿ ملائڻ منهنجي نظرئي جي توهين آهي. ظاهري طور تي ته اها ڳالهه ۽ رويو درست آهي پر ڇا اقتدار مان ٽي ڀيرا محرومي کان پوءِ به مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان نواز شريف ۽ ساٿين ڪجهه به ناهي سکيو؟ اسان جي خيال ۾ انهن کي به ڪمري جو در پُوري، ڪڙو لڳائي ويهڻ جي بدران سياسي شعور جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪوشش ڪندو رهڻ گهرجي ته، بند گهٽيءَ جي ‘ميدان’ ۾ اڪيلو کيڏڻ جي شوقين کي راضي ڪيو وڃي ته سياسي عمل کي، جمهوريت، نظام، عوام ۽ ملڪ لاءِ اڳتي وڌايو وڃي. ان بدران جيڪڏهن مسلم ليگ دروازا پوري ويٺي رهي ته مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟ سياسي ۽ معاشي جٽاداري ڪيئن ايندي؟ بلوچستان ۾ لڳل باهه وسائڻ جي ذميواري ڪنهن کي پوري ڪرڻي آهي؟