اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جو 29هون چيف جسٽس بڻجي ويو، نئين چيف جسٽس پاران حلف کڻڻ بعد اهم انتظامي فيصلو سامهون اچي ويو، اڳوڻي چيف جسٽس پاران معطل ڪيل سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙي ڇڏي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليندي ئي سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو، چيف جسٽس قاضي فائز جي سربراهي ۾ 15 رُڪني فل ڪورٽ اڄ ٻڌڻي ڪندي، ڪيس تي ڪارروائي لائيو نشر ٿيڻ جا امڪان آهي، سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت عوامي اهميت جي ڪيسز ۾ بئنچز جي جوڙجڪ جو اختيار چيف جسٽس بدران ٽن سينيئر ججز کي ڏنو ويو هو، اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رُڪني لارجر بئنچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو، جسٽس فائز عيسيٰ چيو هو ته جيستائين سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو فيصلو نٿو اچي، هو اهڙي نوعيت جي ڪنهن به ڪيس ۾ بئنچ جو حصو نه ٿيندو، اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ 13 اپريل تي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي معطل ڪيو هو ۽ رمارڪس ڏنا هئا ته اعليٰ عدليه پارليامينٽ جو احترام ڪري ٿي پر ان ڳالهه جو جائزو وٺڻو آهي ته پروسيجر بل ۾ آئين جي ڀڃڪڙي يا آئين کان مٿانهين ڪا شق ته شامل ناهي ڪئي وئي. ان کان اڳ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جي 29هين چيف جسٽس طور حلف کنيو، ايوانِ صدر ۾ تقريب دوران صدر عارف علوي چيف جسٽس کي حلف کڻايو، تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، ڪابينا ميمبرز، اڳوڻن چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ جي ججز ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سوڌو اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 25 آڪٽوبر 2024ع تائين چيف جسٽس جي عهدي تي رهندو.جڏهن ته  26 آڪٽوبر 1959ع ۾ ڪوئيٽا ۾ پيدا ٿيندڙ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي والد محمد عيسيٰ آف پشين پاڪستان جي قيام جي تحريڪ جي سربراهه باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جو ويجهو ساٿي هو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪوئيٽا مان ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڪراچي ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان اي ليول ۽ او ليول مڪمل ڪيو ۽ پوءِ قانون جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ لنڊن هليو ويو، جتي ان انز آف ڪورٽ اسڪول آف لا مان بار پروفيشنل اگزامينيشن مڪمل ڪيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 30 جنوري 1985ع تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ۽ مارچ 1998ع ۾ ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ بڻيو، 3 نومبر 2007ع تي ملڪ ۾ ايمرجنسي جي اعلان کان پوءِ ان فيصلو ڪيو ته اهو پنهنجي حلف جي خلاف ورزي ڪندڙ ججن جي سامهون پيش نه ٿيندو، ان دوران سپريم ڪورٽ پاران 3 نومبر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ ان وقت جي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ججن استعيفا ڏني ته 5 آگسٽ 2009ع تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سڌو سنئون بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيڻ کان پهريان 27 سال وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو، کيس مختلف موقعن تي هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽن پاران ڪيترن ئي مشڪل ڪيسن ۾ معاونت لاءِ به طلب ڪيو ويندو رهيو، جڏهن ته گڏوگڏ عالمي ثالثي کي به ڏسندو رهيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 5 سيپٽمبر 2014ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج جي حيثيت سان حلف کنيو هو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ 184 ٽي جي اختيارن ۽ بينچن جي جوڙجڪ جي معاملي تي حڪومت پاران ڪيل قانون سازي، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پاران عملدرآمد نه ڪرڻ ۽ اسٽي ڏيڻ تي بطور جج گذريل 5 مهينن کان ڪوئي ڪيس نه ٻڌي رهيو آهي ۽ چيمبر ورڪ ۾ مصروف هو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چيف جسٽس طور وقت تمام مختصر هوندو، 25 آڪٽوبر 2024ع تي عهدي تان رٽائرڊ ٿي ويندو.