بنا پردي واري عورت ”ڪٽيل هنداڻي“ وانگر آهي: طالبان عملدار

0
267

ڪابل: افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ هڪ طالبان عملدار جو چوڻ آهي ته عورت بغير پردي جي ”ڪٽيل هنداڻي“ وانگر آهي.

ڪابل ۾ طالبان جي هڪ ميمبر جي انٽرويو جي هڪ وڊيو مائڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي وائرل ٿي رهي آهي ، جنهن ۾ طالبان پاران بنا پردي واري عورت کي ڪٽيل هنداڻي سان تشبيهه ڏني وئي آهي. بي بي سي جي صحافي ضيا شهريار تازو ئي وڊيو کي پنهنجي اڪائونٽ تي شيئر ڪيو ، جنهن ۾ طالبان جي هڪ گروپ صحافي سان ڳالهايو ۽ عورتن لاءِ پردي جي اهميت تي بحث ڪيو ويو.

ضياءَ شهريار جي ٽوئيٽ تي ڏنل ڪيپشن جي مطابق جڏهن طالبان عملدار کان پردي بابت پڇيو ويو  ته هن صحافي کان پڇيو ، ”ڇا توهان ڪٽيل هنداڻو وٺندو يا بنا ڪٽيل هنداڻو خريد ڪرڻ پسند ڪندا؟ يقينن توهان سالم هنداڻو خريد ڪرڻ چاهيندا، عورت بنا پردي جي ڪٽيل هنداڻي وانگر ئي آهي.

ھي به پڙھندا

عورتن کي ڪرڪيٽ سوڌو جسم جي نمائش وارين راندين جي اجازت نه ڏينداسين: طالبان