خيرپور (رپورٽر) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي استحڪام بابت پهرين عالمي ڪانفرنس بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف اسڪل ڊولپمنٽ خيرپور ۾ ٿي، ڪانفرنس جو افتتاح اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪيو، قائم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحيح چئي رهيو آهي، وفاق اسان جي حصي جا پئسا ڏئي، هن چيو ته ڊويزنل پول آهي، ان تحت چئني صوبن کي پئسو ملندو آهي، اسان جي وڏ وزارت جي دور ۾ پيسا مليا هئا، صوبن کي 40 سيڪڙو ملندو هو ۽ 60 سيڪڙو وفاق کي ملندا هئا، اسانجا صوبا وڏا آهن، هر شئي جي ضرورت آهي، ان تحت 60 سيڪڙو صوبن کي ڏنا وڃن ۽ 40 سيڪڙو وفاق رکي پر اهي پئسا ڏين ئي نٿا، سيد قائم علي شاهه ڪينال بابت جي سوال جي جواب ۾ چيو ته هي زيادتي آهي بنا ٻڌائي ڪئنال ٺاهڻ سٺي ڳالهه ناهي. سيد قائم علي شاهه موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي استحڪام بابت چيو ته هي سٺو عمل آهي ۽ موسمياتي تبديلي پوري دنيا جو مسئلو آهي يونيورسٽي ۾ ماهر آيا آهن انهن جي تجويزن ۽ سفارشن کي آڏو رکي ميڪنزم ٺاهيو وڃي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته منهنجي وڏ وزارت واري دور ۾ ٻوڏ آئي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت طرفان ڪامياب رٿابندي تحت ڪم ڪندي 60 لک متاثر ماڻهن کي هر هڪ ميل جي مفاصلي تي رليف ڏيندي ٽن مهينن تائين ٽينٽ، ميڊيڪل ڪئمپس، کاڌ خوراڪ فراهم ڪيو ويو، پاڪستان گهڻن ملڪن کان بهتر آهي اها عالمي ڪانفرنس موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي استحڪام ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندوي، ان کان اڳ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ٽيڪنالوجي اينڊ اسڪل ڊولپمنٽ جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مهر آجياڻو ڏيندي يونيورسٽي جي ڪارونهوار تي تفصيل سان بريف ڪيو، ڪانفرنس کي اسد علي شاهه، ڊاڪٽر يوسف خشڪ، ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ، ڊاڪٽر تهمينه مڱڻ، سجاد حسين ٽالپور، انجنيئر عبدالجبار شيخ، انجينئر عبدالشڪور ۽ ٻين خطاب ڪيو.