چڪوال جي ملڪ بوستان پاران ڊالر جي اگھه تان ڍڪڻ لاهڻ جي اعلان بعد ڊالر تي ڊار جي لڳل هينڊ بريڪ فيل ٿي چڪي آهي ۽ رپئي جي بنا بريڪ گاڏي لاهي تان تيزي سان هيٺ کاهي طرف ڪرندي نظر اچي رهي آهي. پهرين ڏينهن 243 ۽ هاڻي ڊالر 275 رپين تي پهچي چڪو آهي.ايئن راتورات رپئي ۾ ڪمائيندڙن جي ڪمائي توڙي بچت تقريبن 15 سيڪڙو سُسي وئي آهي. ايئن سرمائي ڪارن کي سال ۾ 17 سيڪڙو ملندڙ وياج يا نفعو هڪ رات ۾ ئي اُگهجي ويو آهي. انڪري ئي مالدار توڙي سرندي وارا پنهنجون رقمون پرڏيهي ڪرنسين ۾ تبديل ڪرائي رهيا آهن يا سون خريد ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف رپئي جي ڪرندڙ ملھ سبب سرمائيڪارن لاءِ ٻيٽ وارو ڪم ڪري رهيا آهن، جتي هو رپئي جي ٻڏندڙ ٻيڙي مان پاڻ بچائڻ لاءِ ٽپو ڏئي عارضي پناھه وٺي رهيا آهن. سون جو تولو 209,000 رپين کان به چڙهي چڪو آهي ۽ طلب جي پيھه سبب اهو ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ حاضر اسٽاڪ ۾ دستياب ناهي پر انجي اڳواٽ بوڪنگ ڪرائڻي پوي ٿي. لنڊن جي عالمي مارڪيٽ ۾ روزانو ڏينهن ۾ ٻه دفعا طئي ٿيندڙ چوويھ قراط خالص سون جو آئونس جمعي ڏينهن 1925 ڊالرن تي پهچي چڪو هو پر ڪراچي ۾ انجو اگھ گهڻي رش سبب في تولو اصلي اگھ کان 10 هزاررپيا وڌيل آهي.
ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ ترسيل پاڪستاني پنهنجون ڊالر ۾ بچتون وڪڻڻ لاءِ آهستي آهستي بينڪن جو رخ ڪري رهيا آهن جنهن سان هنڊي کان رخ موڙي ڊالر سرڪاري چينل وسيلي اسٽيٽ بينڪ پهچي ذخيرن کي بهتر ڪندو. ڪجھ سيڙپڪار اڃان وڌيڪ نفعي جي آسري انتظار ڪري رهيا آهن. گهڻي انتظار جي صورت ۾ رپيووڌيڪ دٻاءُ ۾ رهندو ۽ پنهنجو ملھ وڃائيندو ويندو. فوريڪس ايسوسيئيشن جو اڻپڙهيل هاڻوڪو صدر، سابق پيلي ٽيڪسي ڊرائيور جيڪو اسٽيٽ بينڪ ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڳانڍاپن ڪري مشهور آهي، ڪجھ ڏهاڪا پهريائين پرڏيھ مان ايندڙ پاڪستانين کي ڪراچي ايئرپورٽ تان پنهنجي گهر ڇڏيندي کانئن سستي اگھ ۾ ڊالر خريد ڪندي ڊالر بادشاھ ٿي ويو هو ۽ هاڻي ڪيترين ايڪسچينج ڪمپنين جو مالڪ آهي، تنهن کان هن دفعي اهو ڍڪڻ لهرايو ويو آهي. آميريڪي خابرو اداري ايسوسئيٽ پريس ملڪ بوستان جو انٽرويو جاري ڪندي کيس معاشي ماهر ڪوٺيو آهي. لنڊن مان آيل لاهور جو چارٽرڊ اڪائونٽنٽ سابق ۽ موجوده خزاني جو وفاقي وزير اسحاق ڊار جيڪو دعوا ڪندو رهيو ته ڊالر 200 کان هيٺ ڪرندو، تنهنجي چپن تي ماٺ جي مهر لڳل هئي پر مفتاح جي طنزيه ٽهڪن ۽ ترين جي دعوائن ان مهر کي به لاهي ڇڏيو آهي ۽ جمعي جي ڀلاري ڏينهن رات جودير سان خطاب ڪندي هن عمران خان جي چئن سالن جي حڪومت کي سڄي خرابي جو ذميدار قرار ڏيندي کيس مناظري جي دعوت به ڏئي ڇڏي. غصي ۾ ڀريل ڊار جيتوڻيڪ وڏا انگ اکر پيش ڪيا ۽ ڪنهن حد تائين سندس اها ڳالھ صحيح هئي ته گذريل حڪومت جو ڌيان معيشت ۽ گورننس تي مرڪوز هئڻ بجاءِ مخالفن تي مقدمن ۽ سندنُ جيل ياترا تي هو،
پر ڊار کي ان ڳالھ جو احساس ٿيڻ گهرجي ته هو هاڻي خزاني جو وزير آهي ۽ سندس ڪم مسئلن کي حل ڪرڻ آهي نه ڪي عمران خان وانگر ماضي جون مزارون کوٽڻ. ڊالر جي اگھ وڌڻ سبب ڊار جي ساک به متاثر ٿي رهي آهي جنهن کي بچائيندي چئن مهينن بعد لنڊن مان لاهور پهچندي سندس آڌر ڀاءُ لاءِ ايئرپورٽ تي ايندڙن کي خطاب ڪندي مريم نواز اپيل ڪئي آهي ته سندس ڀيڻويئي جي پيءُ ڊار جي ٽنگن کي نه ڇڪيو وڃي ۽ يقين ڏياريو آهي ته هو ملڪ جي معاشي مسئلن کي حل ڪندو، ان ڪري مٿائنس اعتبارڪيو وڃي.
ملڪ بوستان جي اعلان بعد آء ايم ايف به اعلان ڪيو آهي ته هو اڱاري تي اسلام آباد ڳالهين لاءِ پهچي رهيا آهن، جيڪي ڏھ ڏينهن جاري رهنديون. سمجھ ۾ ايئن اچي رهيو آهي ته ڪرنسي کي آزاد ڇڏي رپئي جو ملھ مارڪيٽ ۾ رسد ۽ طلب موجب مقرر ڪرڻ ۽ وياج اگھ وڌائڻ عالمي اداري جا مک شرط هئا جنهن جي ڊار مخالفت ڪري رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف به اميد ظاهرڪئي آهي ته فيبروري ۾ عالمي اداري سان معاملا طئي ٿي ويندا. سندن ٻيا شرط پيٽرول توڙي ڊيزل تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ ۽ پيٽروليم ليوي وڌائڻ آهي. انڪري سندن اسلام آباد ياترا کان پهريائين يا بعد ۾ پئٽرول 300 رپيا لٽر، بجلي، گيس جا اگھ ٻيڻا ٿيڻ جو امڪان ظاهرڪيو پيو وڃي جنهن سان مهانگائي وڌيڪ چوٽ چڙهندي ڇو ته ڊالر نهِ هئڻ سبب اسٽيٽ بينڪ پاران اڳي ئي کوليل 4 ارب ڊالرن جون ايل سي يا ليٽر آف ڪريڊٽ تي ڏنل واعدا پورا ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب ڪراچي بندر تي ضروري سامان جا 9000 ڪنٽينر ڪيترن ڏينهن کان ڦاٿل آهن. ڊالر، بجلي، گيس، وياج، نئين ٽيڪسن ۽ ڪراين جي گهڻي واڌ سبب آء ايم ايف جا شرط ته پورا ٿي ويندا ۽ 1.1 ارب ڊالرن جي قرض جي رڪيل قسط ملي به ويندي پر پيداوار جي لاڳت بي انتها وڌڻ سبب مها مهانگائي خاص طور 60 سيڪڙو غريبن لاءِ موت جو پيغام هوندي جنهن سان فساد به ڦُٽي سگهن ٿا. آء ايم ايف جي سخت شرطن سان مشروط امداد دراصل ايمرجنسي ۾ ڪنهن مريض جي ٻانهن مان ڌڪ ڪري وهندڙ رت کي روڪڻ لاءِ پٽي ٻڌڻ برابر آهي. جنهن کان پوءِ مريض کي اها هدايت ڏئي ايمرجنسي وارڊ مان ڊسچارج ڪيو ويندوآهي ته ٻئي ڏينهن فلاڻيون فلاڻيون ٽيسٽون ڪرائي او پي ڊي ۾ ڊاڪٽر کي ڏيکارجو جيئن آپريشن ڪري ٻانهن ۾ راڊ وجهي هڏي کي سڌوڪري سگهجي.
پاڪستاني معيشت جو غيرذميدار مريض ان هدايت تي عمل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڪرت سان لڳي وڃي ٿو. ايئن هردفعي ٻن ٽن سالن بعد بيماري ٻيهر اٿلڻ سبب ساڳي اسپتال جي ايمرجنسي جو در کڙڪائي ٿو. پاڪستان گذريل 73 سالن ۾ 23 دفعا اهو در کڙڪائي چڪو آهي پر بدقسمتي سان ان اسپتال جو علاج تمام گهڻو مهانگو آهي. مريض کي گهرجي ته هو پنهنجي مڪمل علاج لاءِ سرجري ڪرائي جيڪا مريض کي چاڪ چڱو ڀلو ته ڪري سگهي ٿي پر اها مريض جي مالڪن لاءِ خطرن سان ڀريل آهي. ان ڪري مريض جا سنڀاليندڙ ان نسخي تي عمل ڪرڻ نٿا چاهين ۽ ٻانهن تي پٽي ٻڌي پنهنجي مشهوري ۾مشغول آهن ته هو مريض لاءِ نه فقط فڪرمندآهن پر گهڻو ڪجھ ڪري به رهيا آهن. ايئن هر ٻن ٽن سالن جي وقفي بعد انهن شرطن تي ميڊيائي مناظرن وسيلي ڳالهين کي اينگهائي غيريقيني جي فضا ڦهلائي وڏي پئماني تي ڊالرن جي ذخيره اندوزي سبب مافيائون مال ميڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون. ساڳي حالت گولائي قرضن جي آهي جنهن جو پائيدار حل بجلي گيس جااگھ وڌائڻ ۾ نه پر چوري، نااهلي، رعائتون ختم ڪرڻ ۾ آهي. گذريل ڏهن سالن ۾ڪيترا دفعا اگھ وڌائڻ باوجود اهوقرض 500 ارب رپين مان وڌي هاڻي 4,200ارب رپين تي پهچي چڪو آهي. انڪري ضرورت انجي آهي ته بجلي جي سرڪاري ڪارخانن کي وڪڻي انهن مان جان ڇڏائي وڃي. جيئن گولائي قرضن مان جان ڇٽي.
جيئن مٿي بيان ڪيوويو ته ان حالت ۾ فساد به ٿي سگهن ٿا جن جي اڳواڻي پي ٽي آء جي قيادت ۾ ساڄي ڌر ڪري سگهي ٿي، دهشتگردي به وڌي سگهي ٿي. باھ تي تيل هارڻ لاء عمران خان سابق صدر آصف علي زرداري تي الزام هنيو آهي ته سندس قتل لاءِ اي ۽ بي منصوبن جي ناڪاميء بعد هو سي منصوبي جو ساٿاري آهي جنهن سنڌ مان لٽيل مال مان دهشتگردن کي پئسا ڏئي کين اهو ڪم سونپيو آهي. عمران خان جي الزامن سبب جنوري جي ٿڌ ۾ سياست گرم ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي وارن چيو آهي ته سندس بيان جو مقصد دراصل آصف علي زرداري ۽ سندس خاندان جي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ آهي جنهن سان کيس نقصان پهچي سگهي ٿو. بلاول ڀٽي به انجي مذمت ڪندي چيو آهي ته پهريائين دهشتگرد تنظيمون سندس پارٽي ۽ هن جو نالو وٺي ڌمڪيون ڏينديون هيون ۽ِ هاڻي عمران خان سندس والد جو نالو وٺي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جنهن سان هن توڙي سندس والد ۽ خاندان لاءِ خطرا وڌي رهيا آهن.ماضي ۾ به هن سندس والد بابت چيو هو ته هو سندس نشاني تي آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون اسيمبليون ٽٽڻ بعد اڃان تائين چونڊن جو اعلان ناهي ٿيو. اهي ملتوي ڪرڻ جو چئوٻول به هلي رهيو آهي جنهن بابت چيو پيو وڃي ته خود اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽيون به هم آهنگ نه آهن. انڪري موجوده معاشي صورتحال ۽ انکي بهتري جي دعوا ڪندڙ آء ايم ايف جو نسخو معيشت کي جلد بهتر ڪري سگهي ٿو يا نه تنهن بابت يقين سان ڪجھ چوڻ ته ممڪن ناهي پر اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهو نسخو اتحادي پارٽين جي سياست کي نقصان ضرور پهچائي سگهي ٿو. انڪري ئي هو چونڊن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان اڳتي ڪرڻ چاهين ٿا جيئن کين معيشت کي ڪجھ بهتر ڪرڻ لاء وٿي ملي سگهجي.
آگسٽ تائين ملڪ ۾ غيريقيني جي فضا قائم رهندي جڏهن نئين نگران وفاقي حڪومت قائم ٿيڻ جووقت اچي ويندو. وچ فيبروري ۾ آء ايم ايف ٽيم جي واپسي بعد سندن قسط بابت آگاهي پڻ ملي ويندي. عالمي اداري جي بورڊ ۾ ووٽن جو تناسب ڦرندو گهرندو رهندو آهي. هن وقت اڪثر ووٽ آميريڪا ۽ سندن اتحادي يورپ، جپان، آسٽريليا، نيوزيلينڊ جا آهن. چين، روس، ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن جا ووٽ اقليت ۾ آهن. انڪري معاشي معاملي جي سڌرڻ جو گهڻو دارومدار آميريڪا، يورپ جي پٺڀرائي تي آهي. انڪري ايندڙ ڇھ مهينا ملڪ ۽ ماڻهن جي آئيندي لاءِ تمام اهم آهن. ڏسجي ته حڪمران طبقا دورانديشي جو مظاهرو ڪري چوواٽي تي بيٺل ملڪ کي ايڪويهين صدي جي حقيقتن کي سمجهي صحيح رستي تي لڳائين ٿا يا غلط فيصلا ڪري وڌندڙ خوف ۽ انتشار جي باھ تي پيٽرول اڇلائين ٿا.