اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي جي بيان تي نگران حڪومت پاران ردعمل ڏنو ويو، حڪومت پاران چيو ويو ته بل قانون بڻجي چڪا آهن، علوي پنهنجي عمل جو پاڻ ذميوار آهي، صدر جي عهدي تي رهندو يا نه، معلوم ناهي، تفصيل موجب آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلن تي صحيح نه ڪرڻ واري صدر عارف علويءَ جي بيان تي قانون واري وزارت ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، قانون واري وزارت  جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آرٽيڪل 75 تحت جڏهن ڪو بل منظوري لاءِ موڪليو ويندو آهي ته صدر وٽ ٻه اختيار هوندا آهن، صدر منظوري ڏي يا معاملو پارليامينٽ ڏانهن موڪلي ڇڏي،آرٽيڪل 75 ڪو به ٽيون آپشن فراهم نه ٿو ڪري، صدر آرٽيڪل 75 جي آئيني ضروري پوري نه ڪئي، صدر ڄاڻي واڻي دير ڪئي، کيس پنهنجي ذميواري مڃڻ گهرجي. بلن کي بنا مشاهدي يا منظوري واپس ڪرڻ جو رستو آئين ۾ ناهي ڏنو ويو، صدر جو قدم آئين جي خلاف آهي، هن پنهنجي عهديدارن کي بدنام ڪرڻ جي چونڊ ڪئي، صدر کي پنهنجي عملن جي ذميوار پاڻ کڻڻ گهرجي. هوڏانهن وزير اطلاعات ۽ وزير قانون به صدر جي بيان تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته صدر خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي، حڪومت صدر جي آفيس وڃي رڪارڊ تحويل ۾ نٿي وٺي سگهي، اسان اهڙي حرڪت نه ڪنداسين، صدر آفيس ۾ اچي وڃي ته اُن کي قانوني تحفظ حاصل هوندو آهي، هن چيو ته صدر کي اعتراض هئا ته بِلز تي لڳائي واپس اُماڻي ها، هو ماضي ۾ به ائين ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته صدر جي ٽوئيٽ سان ڪنهن به قسم جو طوفان نه آيو آهي، آئين جو آرٽيڪل 75 اِن معاملي ۾ واضح آهي، صورتحال سڀ واضح آهي، ضروري آهي ته قانوني نڪتن جي وضاحت ڪئي وڃي، صدر وفاق جو سربراهه آهي، ان جي تعظيم اسان سڀني جي دلين ۾ آهي،وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي چيو ته صدر جي ان آئيني عهدي تي رهڻ جي خواهش يا منشا جو علم نه آهي. ان موقعي تي وزير قانون احمد عرفان اسلم چيو ته صدر جو قدم آئين جي اُبتڙ آهي، هُن پنهنجي عهديدارن کي بدنام ڪرڻ جي چونڊ ڪئي، صدر 10 ڏينهن جي آئيني مُدي ۾ ڪوبه دڳ استعمال نه ڪيو، ٻئي بل قانون بڻجي ويا آهن، هن چيو ته صدر پهريون ڀيرو ٻنهي بلن تي ڪو آئيني دڳ اختيار نه ڪيو، آئين تحت صدر يا ببل منظور ڪري ها يا وري پنهنجي آبزويشن سان ٻيهر پارليامينٽ ڏانهن اُماڻي ها، احمد عرفان اسلم چيو ته نگران حڪومت وٽ سياسي مينڊيٽ نه آهي، اُها صدر جي باري ۾ ڪوبه تبصرو نٿي ڪري سگهي.  قانون جي نگران وزير احمد عرفان اسلم چيو ته صدر جو ٽوئيٽ ٻن قانونن بابت آهي، صدر پاڪستان آرمي ايڪٽ (ترميمي) بل ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل 2023ع بابت ٽوئيٽ ڪيو آهي، پاڪستان آرمي ايڪٽ (ترميمي) بل 27 جولاءِ 2023ع تي سينيٽ مان پاس ٿيو، ايوان صدر کي اهو بل 2 آگسٽ تي وصول ٿيو، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ (ترميمي) بل پهرين آگسٽ تي قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ کي موڪليو، سينيٽ ان بل تي ڪجهه آبزرويشنز لڳائي قومي اسيمبلي کي موڪليو، قومي اسيمبلي ان بل کي 7 آگسٽ تي منظور ڪيو، صدر کي پاڪستان آرمي ايڪٽ (ترميمي) بل 2023ع 2 آگسٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ (ترميمي) بل 2023ع 8 آگسٽ تي وصول ٿيو، جڏهن ڪو بل صدر کي موڪليو ويندو آهي ته صدر وٽ ٻه اختيار هوندا آهن، پهريون اختيار ان جي منظوري ڏئي، ٻيو اختيار هي آهي ته صدر کي ڪي آبزرويشنز آهن ته لکت ۾ موڪليا وڃن، آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪو ٽيون اختيار نه آهي، هي ٻئي اختيار استعمال ڪرڻ لاءِ صدر وٽ 10 ڏينهن جو وقت آئين ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، صدر وٽ 10 ڏينهن جو وقت هو، اڄ کان پهريان اهڙي صورتحال اسان جي سامهون نه آئي آهي ته ايوان صدر مان بنا صحيح ڪا شئي واپس وئي هجي، قانون جي وزير چيو ته صدر پاران اهي بل واپس وصول نه ٿيا آهن، آئين جي آرٽيڪل 75 ۾ 10 ڏينهن جي مدت واضح انداز ۾ ڏني وئي آهي، سياسي ابهام پيدا نه ٿئي ان ڪري آرٽيڪل 75 ۾ 10 ڏينهن جي مدت مقرر ڪئي وئي آهي، ان مدت اندر اگر صدر اختيار استعمال نه ڪري ته بل قانون بڻجي ويندو آهي.