بلڙي شاھ ڪريم (ن پ ا) بلڙي شاه ڪريم ٿاڻي جي حد ۾ بدامني ، رورل ھيلٿ سينٽر بلڙي شاھ ڪريم جي پي پي ايڇ آئي جي ملازم منور جلالاڻي کان ڦر ٿيڻ واري واقعي خلاف ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ شريڪ رورل هيلٿ سينٽر جي ايم ايس ڊاڪٽر زيبده سمون، ڊاڪٽر احمر ۽ ٻين چيو ته بلڙي شاه ڪريم ٿاڻي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي علائقي ۾ چوريون ڦرون معمول بڻيل آهن، اسپتال جي ملازم منور جلالاڻي کان ڏينهن ڏٺي جو ڦر ٿي آهي، اختياريون نوٽيس وٺي ڦورون کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل موٽر سائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته ٻئي صورت ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري مين روڊ سجاول ٽنڊومحمدخان تي ڌرڻو ھنيو ويندو،