ٽنڊومحمد خان / بلڙي شاھ ڪريم (نمائندن وٽان) ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي تي اي ايس آءِ محمد يامين قمبراڻي جي فرياد تي ايف آءِ آر نمبر 2024/94 قلم 420 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس گشت دوران پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ فزيڪل ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آرڊر وٺي ڏيڻ جي ٺڳي ۾ پئسا وٺڻ جي الزام تحت جوابدار غلام نبي مگسي کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ ٻيو ڄاڻايل جوابدار ضلعي ڪائونسل جو ميمبر محمد يوسف زنئور گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.