بلڙي شاهه ڪريم (ن پ ا) ملاڪاتيار ٿاڻي جي حد ڳوٺ پانڌي ماڇي ۾ 30 ورهين جي سڪينه زال الهوسايو ماڇي گهر اندر مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ويو، جنهن تي بنا پوسٽ مارٽم جي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس چيو ته عورت جي وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ويو آپگهات ڪندڙ عورت جي ڀاءُ جو چوڻ موجب ته سندس ڀيڻ ڪيتري ئي عرصي کان بيماري هئي سندس مڙس پورهيت آهي غربت سبب سندس سٺو علاج ٿيڻ نه ڪري پريشان رهندي هئي جنهن کان پوءِ هن زندگيءَ کان تنگ اچي هن آپگهات ڪري ڇڏيو.