بلڙي شاھه ڪريم(ن پ ا) بلڙي شاھه ڪريم ٿاڻي جي ڇت صفائي ڪرڻ دوران طارق مسيح ٿاڻي جي بلڊنگ تان ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ھو، جيڪو اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس مڙھه  گھر پھچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو.