ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي بلڙي شاھ ڪريم جي ڪپور موري ڀرسان زرعي زمين جي فام هائوس تي 23 سالا نوجوان غلام نبي ميمڻ پراسرار طور پسٽل جي فائر سبب فوت ٿي ويو ، فوتي نوجوان جي لاش کي ڪپور موري پوليس جي اهلڪارن پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال ۾ رات دير سان پهچايو ، جتي وارثن جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ جي ضد تي وارث بنا پوسٽ مارٽم جي لاش کي ڪراچي کڻائي ويا ، جنهن بابت ڪپور موري پوليس جي انچارج شاهد ميمڻ ٻڌايو ته وارثن نوجوان جو ذهني توازن درست نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي لاش کي ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ کڻائي ويا آهن ، پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ بابت اسان کي لکت ۾ بيان ڏئي ويا آهن . جڏهن ته ٻي طرف ڪپور موري جي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل نوجوان فام هائوس تي اچي ڪجهه ڏينهن رهڻ کانپوءِ ڪراچي روانو ٿي ويندو هو ، وري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ واپس اچي ٻيهر رهائش پذير ٿيندو هو ، سندس فوت ٿيڻ وارو واقعو سمجهه کان ٻاهر آهي ، هوڏانهن اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته فوت ٿيل نوجوان غلام نبي ميمڻ ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ جي رهواسي بااثر شخص ممتاز ميمڻ جو فرزند هو . جنهن جي ڪري پوليس پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ تي ڪا به رڪاوٽ نه ڪئي بنا پوسٽ مارٽم جي وارث لاش کي اسپتال مان ايمبولينس ذريعي ڪراچي کڻائي ويا جتي سندس ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ ڀرسان تدفين ڪئي ويندي .