بلڙي شاهه ڪريم(ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم ۾ آبادگارن، ھارين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن جي گڏجاڻي، سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف 5 اپريل تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان موقعي ته آبادگار اڳواڻ زاهد رند، اسماعيل ميمڻ، جاني خان، الهبچايو رند ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ ۾ وڌيڪ 6 ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جو زمينيون بنجر بڻجي وينديون، عيد کانپوءِ احتجاج تحريڪ شروع ڪئي ويندي جيڪا ڪئنال جي منصوبي کي رد ڪرڻ تائين جاري رهندي.