بلڙي شاهه ڪريم(ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن عرس ڪهير بٺوري مان مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ زبير شاهه ۽ سنڌو درياءَ ۾ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف بلڙي شاهه ڪريم م شٽر بند هڙتال ڪري شهري قومپرست روڊن تي نڪري آيا، ٽنڊومحمدخان سجاول روڊ جي مک چوڪ شهيد بلو پنهور آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ 4 ڪلاڪن تائين معطل رهي، ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن اسلم خيرپوري، نواز خان زئور، سورهيه سنڌي يار محمد ڪهير ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو مٿان وڌيڪ 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ جي سرسبز زمين کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، قومي ڪارڪُنن ڪئنال واري منصوبي خلاف احتجاج ڪرڻ تي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، عرس ڪيهر، زبير شاهه کي 21 ڏينهن گذري ويا آهن پر سندن گرفتاري ظاهر نٿي ڪئي وڃي، پرامن سياسي ڪارڪن کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هنن کي فوري طور تي ظاهر ڪري  عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي .