ٽنڊو محمد خان/بلڙي شاھه ڪريم (نمائندن وٽان) بلڙي شاھه ڪريم واسي پورھيت علي خان ۽ ھاشم چانڊيو جو ڪٽنب درد جو داستان بڻجي ويا آھن. پورھيتن جي مبينا اغوا کي 16 ڏينھن گذري ويا آھن پر سندن ڪو به تدارڪ نه ٿي سگھيو سندن گھرن ۾ ڏکويندڙ صورتحال آهي، مغوي ھاشم جي ڀاءُ عبدالڪريم آسي زال علي خان ، صاحب خاتون زال ھاشم ، صاحبه ، معصوم صائما چانڊيو ۽ ٻين صحافين آڏو اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺا آهن، ان موقعي تي ھنن احتجاج ڪندي چيو ته اسان کي 17 ڊسمبر تي ھاشم جيئن ڀاتين جي اغوا جو اطلاع مليو آھي ته گھرن ۾ روڄ راڙو متل آھي ضلع ٽنڊي محمد خان جي پوليس اختيارين چونڊيل نمائندن جا در وڃي ٿڪجي پيا آهيون، مغوي ھاشم جي نمبر تان ڌاڙيل مغوين کي مارڪٽ ڪري اسان کان ويهه لک ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن، انتظاميا دانھن درخواستن باوجود ڄاڻايل نمبر جي لوڪيشن ڏيڻ لاءِ تيار نه آھي، ھنن وزير اعلي سنڌ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.