بلڙي شاهه ڪريم(ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم جي يونين ڪائونسل الهيار ترڪ جي ڳوٺ اڪلو ڪولهي ۾ پورهيت رائمل، فقيرو، جئرام، روشن ملاح ، حسن ملاح، جاڙو ملاح، سومار ملاح سميت 25 پورهيتن جي گهرن اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نيتجي ۾ سمورن گهرن ۾ پيل هنڌ، بسترا، اناج سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، متاثر ڪٽنب به يارو مددگار ويٺل آهن، متاثرن الزام هڻندي چيو ته آبپاشي کاتي عملدارن ڍنڍي شاخ جي صفائي دوران جهنگ کي باهه ڏني ھئي جيڪا ضابطي مان نڪري شاخ ڀرسان گهرن کي لڳي وئي عملدارن جي به ڌياني لاپرواهي سبب گهر سڙي رک ٿي ويا، باهه جو اطلاع فائر برگيڊ کي ڏنو ويو پر نه پهتي باهه تيز هئڻ ڪري ڪوشش ناڪام ٿي وئي جنهن سبب 25 گهر مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويا صرف سر بچائي نڪتاسين، هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته واهر ڪئي وڃي.