ٽنڊو محمد خان / بلڙي شاھه ڪريم( نمائندن وٽان ) بلڙي شاھه ڪريم جي ويجهو ڪپور موري جي آبادگارپوليس پوسٽ جي حد ۾ سٺيا ۽ نظاماڻي برادري جي زمين واري هلندڙ پراڻي تڪرار تان ڪيل فائرنگ ۽ لٺين جي آزادانا استعمال دوران سٺيا برادري جي هارين سميت 14 ڄڻا ۽ نظاماڻي جي 2 ڄڻن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، جنهن ۾ سخت زخمين کي ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال ۽ بلڙي شاھ ڪريم اسپتال داخل ڪيو ويو ، هٿياربندن جي فائرنگ کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي جنهن ۾ سٺيا برادري جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل هارين امرشي ڪولهي ، زورو ڪولهي ، ساجن ڪولهي ، راهول ڪولهي ، هري ، ميرسن ، وجيش ، دانش ڪولهي ، معشوق شيخ ، ڌڻي بخش سولنگي ، امرشي هيرو ، نياز احمد ، محمد  ۽ ٻين الزام لڳايو ته بااثر ماڻهن جي مداخلت سان نظاماڻي برادري جي هٿياربندن زرعي زمين تي قبضي لاءِ مورچا بندي ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ اسان جا 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، زخمين مان ڪيترن ئي کي ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال مان سول اسپتال حيدرآباد داخل ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي ، جنهن مان ڪو به جاني نقصان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو ، نظاماڻي برادري جي پوليس مددگار بڻيل آهي پر اسان جو پوليس ڪو به فرياد نه وٺي رهي آهي ، هوڏانهن پوليس علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ پوليس پڪ اٽ قائم ڪري ورتي آهي ، پوليس جو چوڻ آهي ته زمين جي تڪرار تان 16 ماڻهو زخمي ٿيا آهن جنهن مان 14 ڄڻا هڪ ڌر جا ۽ 2 ڄڻا ٻي ڌر جا زخمي آهن ، واقعي بابت ڌرين طرفان ڪا به ايف آءِ آر اڃان تائين داخل نه ڪرائي وئي آهي ، زخمين کي علاج لاءِ پوليس ليٽر ڏئي پهرين مرحلي ۾ روانو ڪيو هو .