ٽنڊومحمدخان/بلڙي شاه ڪريم (رپورٽر+ن پ ا) بلڙي شاه ڪريم جي يونين ڪائونسل ڏاڏون جي رهواسي نوجوان رحيم بخش کوسو مٿان بااثر زميندار ۽ ٻين پاران مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو ويو، متاثر نوجوان جي فرياد تي واقعي جو ڪيس بلڙي شاه ڪريم ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، مبينه طور تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان رحيم بخش کوسي صحافين کي ٻڌايو ته بلڙي شاه ڪريم ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا بخش کوسو جو رهواسي آهيان ڏاڏون شهر کان سامان وٺي موٽرسائيڪل تي گهر وڃي رهيو هئس ته سم نالي موري وٽ  بااثر غلام مصطفي رند ۽ محمد بخش چوهاڻ ۽ ٻين روڪي لوهي سريي سان تشدد جو نشانو بڻايو منهنجي رڙين دانهون ته منهنجي ڀاءُ جاويد ۽ مامو علم دين ڊوڙي آيا جن بااثر زميندار کي منٿون ڪري مون کي بچايو، بلڙي شاه ڪريم ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي پر پوليس کين گرفتار ناهي ڪيو، هنن چيو ته جوابدارن کيس تشدد جو نشانو بڻائي تذليل جو نشانو بڻايو ويو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪري  انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف نوجوان مٿان تشدد واري واقعي خبرون سوشل ميڊيا وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان عابد بلوچ نوٽيس وٺي ڊي ايس پي بلڙي شاه ڪريم ۽ ايس ايڇ او بلڙي شاه ڪريم کي فوري طور جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.