بلڙي شاھ ڪريم (ن پ ا) بلڙي شاهه ڀرسان ڳوٺ جنھاڻ سومرو جي رھواسي سيد امجد شاھ شيرازي  احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته 13 مھينا اڳ جوابدارن منھنجي مامي نياز شاھ ۽ منھنجي ماسي بي بي بچلان شاھ کي گوليون ھڻي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو ھو ۽ جوابدار سمورا جيل ۾ آهن ۽ ھاڻي انھن جوابدارن جا ڪجهه عزيز مون کي تمام گھڻو تنگ ڪري ڇڏيو آهي منھنجو جئيڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ھن چيو ته بااثر مون کي جان سان مارڻ جي ڪوشش ۾ آهن مون کي فون تي ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن ھن چيو ته مون تي منشيات ھلائڻ جا ڪوڙا الزام ھڻي رھيا آهن آئون دربدري واري زندگي گذاري رھيو آھيان ھن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سميت عدالت کان تحفظ جي اپيل ڪئي آهي.