بلڙي شاھ ڪريم (ن پ ا ) لڙي شاھ ڪريم ۾ شھرين کي پئيڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪرڻ جي لاء پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي نئين ٺهندڙ  ٺانڪي فعال ڪرڻ بجاءِ ڊاٿي پئي وڃي، جنهن خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي صدر حاجي عبدالعزيز ڪپري پنھنجي ڪارڪنن سميت پريس ڪلب بلڙي شاھ ڪريم پھچي سخت احتجاج ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٽانڪي ڊاھڻ ۽ شھر ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي پلاٽن قبضا هٽائڻ لاء تڪڙا قدم کڻي ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئين سرڪاري قومي اثاثن جو تحفظ ممڪن ٿي سگھي ھن چيو ته جيڪڏهن پبلڪ ھيلٿ کاتي جي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ ٽانڪي ڊاھڻ وارن خلاف سنڌ حڪومت پاران تڪڙي ڪاروائي نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.