بلڙي شاھه ڪريم(ن پ ا) شاهه ڪريم ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پگھارن مان ناجائز ڪٽوتي خلاف احتجاج ڪندي ٽائون ڪميٽي جي 3 ڪروڙ روپيا بجيٽ ۾ ميگا ڪرپشن جو الزام هنيو. ڪميٽي جي درجنين ملازمن ۽ شھرين شھيد بلو پنھور چوڪ کان پريس ڪلب بلڙي شاھ ڪريم تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن نظير ملاح، حسن، ۽ ٻين چيو ته ٽائون ڪميٽي بلڙي شاھ ڪريم ۾ ميگا ڪرپشن ڪئي پئي وڃي ۽ ملازمن جي پگھارن مان ناجائز ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي جيڪا سراسر ناجائزي آهي ھنن چيو ته ھن ٽائون ڪميٽي ۾ 7 سئون کان وڌيڪ ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن جنھن ۾ وڏو تعداد ٻين ضلعن جا ڀرتي ٿيل آهن ھنن الزام ھنيو ته ٽائون ڪميٽي جون گاڏيون پڻ وڪرو ڪيون ويون آهن فائربرگيڊ به ناھي ڪافي حادثا ٿيا آهن پر فائر برگيڊ ناھي ايڏو وڏو تعلقو بلڙي شاھ ڪريم آهي پر مڪمل کنڊرات ٿي چڪو آهي ٽائون ڪميٽي مان درگاھ شاھ ڪريم کي ملندڙ پنج لک روپيا به درگاھ تي خرچ نٿا ڪيا وڃن اھي به ھڙپ ڪيا ٿا وڃن پورو شھر کنڊرات ٿي چڪو آهي ھنن اختيارين سميت وس وارن ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس وٺي شھرين ۽ مقامي ٽائون ملازمن مان بي چئني ختم ڪئي وڃي.