بلڙي شاھ ڪريم (ن پ ا) بلڙي شاھ ڪريم ۾ نئين ٺهندڙ ٽانڪي ڊاھڻ خلاف شھري سنڌ ھاء ڪورٽ پھچي ويا آهن، شهرين جي پٽيشن ۾ بلڙي شاھ ڪريم، جنھاڻ سومرو ، سعيد خان لنڊ، جھنگ ڪاتيار، شيخ ڀرڪيو، مويا ٽنڊو غلام حيدر، ٽنڊو محمد خان جي رشيداڻي رورل واٽر سپلائي ڊرينيج منصوبن جي نشاندهي ڪندي جڊيشل انڪوائري جي گھر ڪئي وئي آهي، شھريء جي درخواست تي عدالت 8 مئي تي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ تازو بلڙي شاھ ڪريم ۾ هڪ نئين ٺهندڙ واٽر سپلائي ٽانڪي کي مڪمل ڪرڻ بدران ٽوڙيو پئي ويو ته شھرين احتجاج ڪيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊومحمد خان کي روبرو آگاھي ڏني پر ڪو به تدارڪ نه ٿيڻ تي آخر نيٺ اھو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ پھچي ويو آھي جتي بلڙي شاھ ڪريم واسي سماجي اڳواڻ سليم الله شيخ ايڊووڪيٽ شاھزيب ميمڻ معرفت ھڪ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي آھي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو ته ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي بوگس ۽ غير فعال اسڪيمن جي نالي تي ڪروڙين روپين جا فنڊ جاري ڪيا ويندا رھيا آھن جڏهن ته واٽر سپلائي ۽ ڊرينيج منصوبا مڪمل طور تي ناڪاره حالت ۾ آھن، پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بلڙي شاھ ڪريم ۾ شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪرڻ لاء زير تعمير واٽر سپلائي ٽئنڪي کي مڪمل ڪرڻ بجاءِ غير قانوني طور تي ٽوڙي قيمتي لوھ وڪرو ڪيو ويو آھي گذريل ٻن ھفتن کان واٽر سپلائي ٽئنڪي کي ٽوڙڻ وارو عمل ھلندڙ آھي ڪجھ سال پھرين چار ديواري ختم ڪري سرڪاري ايراضيءَ تي اڏاوتون ڪيون ويون آھن ، پٽيشن ۾ عدالت سڳوريءَ کي استدعا ڪئي وئي ته بلڙي شاھ ڪريم ، جنھاڻ سومرو ، جھنگ ڪاتيار، سعيد خان لنڊ ، مويا غلام شاھ باگراڻي ، شيخ ڀرڪيو، ٽنڊو غلام حيدر ۽ ٽنڊو محمد خان ڀرسان لاکاٽ روڊ تي رشيداڻي رورل واٽر سپلائي ڊرينيج منصوبن جي نالي تي ڪروڙين روپين جي مبينا ڪرپشن خلاف ڪارروائيءَ جي لاء جڊيشل انڪوائري ڪرائي لاڳاپيل سمورن ٺيڪيدارن جو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي جن کي مختلف غير فعال پيل رٿائن جا ٺيڪا ڏئي سرڪاري خزاني کي ناقابل تلافي نقصان ڏنو ويو آھي ، پٽيشن ۾ سنڌ حڪومت ، سيڪريٽري خزانا، سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ، سيڪريٽري بلديات ، ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊومحمد خان ، ضلعي اڪائونٽس آفيسر ، ايڪسين پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي بلڙي شاھ ڪريم ، بلڙي شاھ ڪريم ۾ واٽر سپلائي جي زير تعمير ٽئنڪي ٽوڙيندڙ ڪمپنيءَ جي ٺيڪيدار ضياء الله پٺاڻ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو، پٽيشنر سليم الله شيخ روزاني پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪورٽ سڳوريءَ ۾ 8 مئي تي آئيني پٽيشن جي ٻڌڻي ٿيندي ڌرين کي طلب ڪيو ويو آھي.