بلڙي شاهه ڪريم(رپورٽ : اويس ملاح ) بلڙي شاھه ڪريم ۾ قومپرست شاگرد اڳواڻ عرس ڪيهر کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. بلڙي شاھه ڪريم شهر مان 8 مارچ تي بيڪري تي ڪم ڪندڙ قومپرست ڪارڪن عرس ڪيهر کي مبينا گرفتار ڪري گم ڪيو ويو، جنهن جو 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس سندس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي. اڳواڻن احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شهيد بلو پنھور چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب بلڙي شاھه ڪريم تي پهتي، احتجاج ۾ شامل اڳواڻن يار محمد ڪهر، عثمان پنھور، محمد حنيف سولنگي، شڪيل ميمڻ، عبدالعزيز ڪپري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۽ سنڌين سان ظلم ۽ جبر واري روايت اڃا تائين جاري آهي، هنن الزام هنيو ته جيڪو به سنڌ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪري ٿو، ان کي جبري طور کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، اڳواڻن چيو ته عرس ڪيهر جيڪو 12 هين ڪلاس جو شاگرد آهي پرامن سياسي ڪارڪن آهي کيس 8 مارچ تي بيڪري تان پوليس ۽ ڪجهه سول ڪپڙا پهريل ماڻهو جبري طور گرفتار ڪري کڻي ويا هئا، جنهن جي گرفتاري کان بلڙي شاهه ڪريم پوليس لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي، شاگرد اڳواڻ عرس ڪيهر جو ڏوهه صرف اهو آهي ته هن سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج هو، هڪ معصوم شاگرد ۽ پرامن ڪارڪن آهي، جنهن کي سنڌ جي حقن بابت ڳالهائڻ تي جبري طور کنڀيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏهن کيس ڪنهن ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.