بلڙي شاه ڪريم (ن پ ا) شاھ ڪريم ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال ھجڻ خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاھرو ڪيو. ديهه ڪُنب جي ڳوٺ غلام حسين سٺيو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي شاگردن ۽ رھواسين محمد اشرف سٺيو، ربڏنو سٺيو،/ لکاڏنو سٺيو ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت گذريل 15 سالن کان زبون حالي جو شڪار آھي، جنھن جي ڪري اسان جي ٻارن جي جانين کي خطرو آھي، اسڪول ۾ 70 کان مٿي ٻار تعليم حاصل ڪرڻ اچن ٿا پر انھن لاءِ صرف ھڪڙو استاد مقرر آھي، اسڪول ۾ واش روم، پيئڻ جي پاڻي، چوديواري سميت ڪابه سھولت ڪونھي، مظاھرين وزير تعليم سنڌ سيد سردار شاھ سميت ٻين وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول لاءِ نئين عمارت تعمير ڪرائي اضافي استاد مقرر ڪيا وڃن ته جيئن ٻارن کي تعليم جھڙو بنيادي حق ملي سگھي.+