ٽنڊو محمد خان/ بلڙي شاهه ڪريم ( نمائندن وٽان )  ٽنڊو محمد خان ضلعي جي نئين آيل ايس ايس پي سليم شاھ پاران عهدي جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ پوليس عملدارن کي منشيات جي خاتمي لاءِ ٽن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو. پوليس 5 ڄڻن هر هڪ عمران بنگالي، عثمان غني بنگالي، ايمان بنگالي، پرويز ملڪ ۽ حاجي ملاح کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي،بلڙي شاهه ڪريم جو چوڻ هو ته گرفتار منشيات فروش ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي جا رهواسي آهن، جيڪي ڪراچي کان ٽنڊومحمدخان، سجاول جي ضلع ۾ منشيات سپلائي ڪن ٿا، پوليس ڄاڻايل جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.ٽنڊو محمد خان شهر سميت ٻين علائقن ۾ پوليس پاران منشيات جي خاتمي لاءِ لائوڊ اسپيڪر ذريعي پرهو ڏيئي عوام کي اپيل ڪئي ويئي آهي ته منشيات جي خاتمي لاءِ پوليس سان تعاون ڪن.