ٽنڊو محمد خان/بلڙي شاھه ڪريم(نمائندن وٽان) بلڙي شاھه ڪريم واسي پورھيت علي خان ۽ ھاشم چانڊيو مزدوري بهاني گھرائي ڪشمور ۾ يرغمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ 14 ڊسمبر تي بلڙي شاھه ڪريم جي ديھه شورڪي جا 2 پورھيت علي خان ۽ محرم چانڊيو گھران بسترا رليون کڻي مزدوري تي روانا ٿيا حيدرآباد ڄام شوري تائين ڪٽنب سان رابطي ۾ ھئا بعد ۾ بعد ۾ رابطي جو وسيلو ھاشم جو نمبر بند ٿي ويو 17 ڊسمبر تي ھاشم جي نمبر تان نامعلوم شخص سندس ڀاء محرم چانڊيو کي فون ڪري ٻئي پورھيت سندس قبضي ۾ ھجڻ جو چئي ويھه لک ڀنگ طلب ڪيو، جنھن کانپوءِ پوليس اختيارين چونڊيل نمائندن جا در ڀيٽي پريس ڪلب بلڙي شاھه ڪريم جي صحافين آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو محرم چانڊيو پريس ڪلب بلڙي شاھه ڪريم پھچي ٻڌايو ته ھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي جتي پوليس اختيارين پاران مغوين جي ڪشمور جي لوڪيشن رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آھي، عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 10 جنوري تي رکي آھي ھن چيو ته اسان جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آھي ھاڻي عدالت مان ئي اميد آھي ته اسان جي ڀاتين کي زنده بازياب ڪرايو ويندو.