ٽنڊو محمد خان / بلڙي شاھ ڪريم ( رپورٽر ) بلڙي شاھ ڪريم تعلقي جي ڳوٺ الهبچايو کوسو مان پوليس وردي ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار الغوزي نواز صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزد ارباب کوسو کي گرفتار ڪري ويا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته الغوزي نواز ارباب کوسو وٽ ماڇي برادري جا ڪجهه ماڻهو دعوت ڏيڻ آيا جن کي ماني کارائڻ کان اڳ اهلڪار کيس کڻي ويا، جڏهن ته پوليس ڪارروائي دوران مهمان ٿي آيل ماڇي برادري جا ماڻهو پنهنجي ڪار ڇڏي فرار ٿي ويا. هوڏانهن بلڙي شاھ ڪريم پوليس الغوزي نواز ارباب کوسو جي گرفتاري کان لاعلمي ظاهر ڪئي. بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي جي ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته الغوزينواز ارباب کوسو جي گرفتاري بابت ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو. ٻئي طرف اديبن فنڪارن لوڪ فنڪارا ثريا سومرو، تاريخدان مشڪور ڦلڪارو، ليکڪ نوشاد ڀٽي ۽ ٻين الغوزي نواز ارباب کوسو جي گرفتاري جي مذمت ڪندي سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته الغوزينواز ارباب کوسو کي آزاد نه ڪيو ويو ته سنڌ جا فنڪار احتجاج ڪندا.