بلڙي شاھ ڪريم (ن پ ا) بلڙي شاه ڪريم جي پوليس وائرليس آپريٽر محمد خان عرف ناز ميمڻ پاران ٽائون ڪاميٽي بلڙي شاھ ڪريم جي سينيٽري ورڪر خالد مسيح ۽ سندس گھر واري رخسانا مسيح تي مبينا تشدد ۽ نازيبا الفاظ ڳالھائيڻ  جو الزام هنيو آهي. جنهن خلاف ٽائون ڪميٽي بلڙي شاھ ڪريم جي سينيٽري ورڪرن ۽ ايمپلائز يونين ٽائون ڪاميٽي بلڙي شاھ ڪريم جي ملازمن پاران حضور بخش جماري محمد بچل خاصخيلي فياض ميمڻ مقصود ميمڻ رضوان جٽ عبدالغني رند علي محمد ميمڻ ۽ سينيٽري ورڪرن خالد مسيح، لڇمي ۽ ٻين پريس ڪلب بلڙي شاھ ڪريم ۾ پريس ڪانفرنس ۽ پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ھنن چيو ته پوليس وائرليس آپريٽر آپي مان نڪري ويو آهي. غريب سينيٽري ورڪرن تي بلاجواز تشدد ڪيو آهي ۽ نازيبا الفاظ استعمال ڪيا آهن ھو چوي ٿو آئون پوليس ۾ آھيان منھنجو ڪير به ڪجھ نٿو بگاڙي سگھي ھنن چيو ته سينيٽري ورڪر سڄو ڏينھن شھر جي صفائي ڪندا آهن پوليس آپريٽري چوي ٿو پھرين منھنجي گھر جي صفائي ڪيو گھر جي صفائي نه ڪرڻ تي ھن تشدد ڪيو آهي ھنن چيو سينيٽري ورڪر اڪيلا ناھن پوري ايمپلائيز يونين ھنن سان گڏ آهي ڪنھن جي به بدماشي برداشت نه ڪنداسين پھرين به ناز ميمڻ اسان جي ليڊي ورڪر سان بدتميزي ڪئي جنھن جي درخواست بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي تي ڏنل آهي وري دوبارا ھن ورڪر تي تشدد ڪيو آهي ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور پوليس وائرليس آپريٽري کي بدلي ڪري سينيٽري ورڪرن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ ايمپلائيز يونين سراپا احتجاج بڻجي ويندا، هوڏانهن الزام هيٺ آيل آپريٽر سان رابطي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي.