بلڙي شاهه ڪريم(ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم ويجهو گونگي نينگري سان زيادتي واري خبر “روزاني پنهنجي اخبار “۾خبر شاعع ٿيڻ بعد ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان عابد بلوچ نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، بلڙي شاھه ڪريم پوليس ٽنڊومحمد خان واسي  امجد ڀٽي جي فرياد تي سندس گونگي ڌي شائستا سان مبينا زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. فريادي الزام ھنيو آھي ته منھنجي 15 ورهين جي نياڻي شائستا کي پھرين روزي تي منھنجي امڙ پروين پاڻ سان گڏ سندس ٻئي مڙس شفيع کوڏيو جي گھر ڳوٺ الياس کوڏيو وٺي وئي، جتي منھنجا ويڳا ڀائر ھر ھڪ 1 شاھزيب 2 عاقب ٻئي پٽ شفيع کوڏيو وارا پڻ رھندا آھن، منھنجي نياڻي 11 مارچ تي واپس منھنجي گھر آئي جنھن روئي اسان کي اشارن ۾ ٻڌايو ته پنجين روزي 6 مارچ 2025ع تي اٽڪل رات جو 11 وڳي  کيس عاقب جھليو ۽ شاھزيب زوري جنسي ڏاڍائي ڪئي آھي، متاثر نينگري جي والد ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته خبرون هلڻ بعد رات دير سان ايس ايچ او بلڙي شاهه ڪريم فون ڪري ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڌي سان ظلم ٿيو آهي انصاف ڪيو وڃي، ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان عابد بلوچ جو چيو ته فريادي جي چوڻ موجب ڪيس داخل ڪري ٽنڊومحمد خان ضلعي اسپتال مان ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ ليٽر ڏنو ويو آھي، واقعي جي مختلف رخن کان جانچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، هوڏانهن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر سندس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي.