بلڙي شاهه ڪريم (ن پ ا) بلڙي شاھ ڪريم ويجهو چُنگي اسٽاپ وٽ سمان برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ڪھاڙيون، لٺيون، سروٽا لڳڻ جي نيتجي ۾ ٻنهي ڌرين جا عورت سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي پوليس پاران ليٽر جاري ڪري ڊي ايڇ ڪيو ٽنڊو محمد خان اماڻيو ويو ، زخمين ۾ ھڪ ڌر جا ڍولڻ پٽ مجنون سمون، نياز سمون، عاشق سمون، مجنون سمون، جڏھن ته ٻئي ڌر جا انور پٽ کمون سمون، گل مير پٽ انور سمون، موڏي زال انور سمون شامل آهن، پوليس پاران ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار ٿيو آهي، ٻنهي ڌرين پاران ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي.