پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخوا حڪومت سڀاڻي اسلام آباد ۾ جلسو هر صورت ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ پلان اي، بي ۽ سي تيار ڪري ورتو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن فيصلو ڪيو آهي ته جلسو هن ڀيري ڪنهن جي به هدايتن تي ملتوي نه ڪيو ويندو. ايمبولينسون، بلڊوزر، ڪرين ۽ ٻئي ضروري مشينري اڄ صوابي پهچائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي  ميمبر کي هڪ هزار کان 2 هزار ڪارڪن ڪڍڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. سمورن اسيمبلي ميمبرن کي پلان تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پارٽي ذريعن موجب جلسي کي هر صرت ۾ ڪامياب بنايو ويندو، جنهن جي لاءِ اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي ذميواري نڀائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪي پي ڪي جو وڏي وزير جلسي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سمورا انتظام پاڻ ڏسي رهيو آهي. ڪارڪنن کي ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ شيلنگ کان بچاءُ جي لاءِ پاڻي، ڪپڙا ۽ لوڻ سان گڏ ٻيو ضروري سامان گڏ رکڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.