حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي واقع سوڪ سينٽر ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ جي مبينا طور ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ واسطي بينر لڳايا ويا آهن. حيدرآباد جي شهرين سان منسوب انهن بينرن تي لکيل عبارت ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايس بي سي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس عدنان شاھ بخاري جي غير قانوني مقرري ۽  سندس بي نامي اثاثن جي جاچ ڪرائي وڃي. ان کان اڳ به شھرين پاران ايس بي سي اي جي آفيسرن ۽ ملازمن خلاف اهڙا بينرز لڳندا رهيا آهن. ان کانسواءِ آباد پاران به سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي جا مطالبا ٿيندا رهيا آهن پر انهن آفيسرن ۽ عمل خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي جنهن سبب هاڻي ٻيهر نگران حڪومت ۾ انهن مبينا ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي جا مطالبا ڪيا پيا وڃن.